خانپور ڪٽورا ۾ زهريلو کير پيئڻ سبب معصوم ڀيڻ ڀاءُ فوت

0
246

پنجاب جي علائقي رحيم يار خان ڀرسان  زهريلو کير پيئڻ سبب معصوم ڀيڻ ڀاءُ فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ٻارڙو بيهوش آهي

پوليس موجب واقعو خانپور ڪٽورا ڀرسان پيش آيو،  فوتي ٻارن ۾ 5 سالن جو حسن ۽ چئن سالن جي آمنه بيبي شامل آهن، جڏهن ته 4 سالن جو حسين بيهوش آهي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي