وڏي وزير جو نوٽيس بي اثر، مغوي عثمان ڪولاچي بازياب نه ٿيو

0
187

سرحد (ن پ ا) هفتو اڳ پاڻي جي واري تان اغوا ٿيل مغوي عثمان ڪولاچي بازياب نه ٿي سگهيو، مغوي عثمان ڪولاچي جي بازيابي لاءِ چئن ڏينهن کان جاري پوليس آپريشن ڪو به ٻوٽو نه ٻاري سگهيو

مغوي عثمان ڪولاچي جي اغوا جو سي ايم سنڌ مراد علي شاهه به نوٽيس ورتو هو، سي ايم سنڌ جي نوٽيس وٺڻ جي باوجود پوليس مغوي کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي

گهوٽڪي ضلعي ۾ 12 کان وڌيڪ ماڻهون ڌاڙيلن وٽ قيد هجڻ جو انڪشاف ٿيڻ باوجود پوليس جون سڀئي ڪوششون ناڪام ٿي ويون

مغوي عثمان ڪولاچي جا وارث سخت پريشان آهن ۽ مغوي کي بازياب ڪرائڻ جون اپيلون ڪري رهيا آهن

ھي به پڙھندا

ڏهرڪي ۾ نوجوان جو اذيت ناڪ موت: تڙپندو رهيو: ڌرين ۾ ڇڪتاڻ