ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان وومينز ۽ انگلينڊ وومينز جي وچ ۾ ون ڊي ميچ برسات سبب ملتوي ڪئي وئي، ٽائنٽن ۾ ٻي ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان وومينز ٽاس کٽي بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ميچ 6.5 اوورز ۾ پاڪستاني وومينز ٽيم بنا ڪنهن نقصان جي 29رنس ٺاهيون ته برسات شروع ٿي وئي ۽ ميچ روڪي وئي، برسات نه بيهڻ سبب ميچ رد ڪئي وئي، واضح رهي ته ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان وومينز کي انگلينڊ وومينز 37رنز تان شڪست ڏني هئي.