ڪراچي(رپورٽ: صدام حسين ڪولاچي) پاڪستان فٽبال فيڊريشن تي ڇانيل ڏکائين جا ڪڪر ختم ٿيڻ جو نالو ئي پيا وٺن، فيڊريشن جي چونڊ تان شروع ٿيل ڇڪتاڻ سبب ڪروڙين ڊالرز جي ڏنڊ لاڳو ٿيڻ بعد هڪ نئون ڏچــــو شروع ٿي ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ پي ايف ايف اشفاق گروپ جا ماڻهو اشفاق حسين جي سربراهي ۾ فيفا فٽبال هائوس پهتا ۽ فيفا جي ناملائزيشن ڪميٽي جي ميمبرز کي آفيس مان ڪڍي معاملا پاڻ سنڀالي ورتا. فيفا جي نارملائزيشن ڪميٽي جي سربراهه هارون ملڪ فيفا اختيارين کي صورتحال کان آگاهه ڪيو، جنهن بعد فيفا هارون ملڪ جي نانءُ هڪ خط لکيو آهي. فيفا خط ۾ لکيو آهي ته پاڪستان فٽبال جا معاملا هارون ملڪ جي سربراهي ۾جوڙيل ڪميٽي جي اختيار ۾ اچن ٿا، جيڪڏهن فيڊريشن جي چارج هارون ملڪ حوالي نه ٿي ته پاڪتسان فٽبال فيڊريشن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ پاڪستان جي رڪنيت به معطل ٿي سگهي ٿي.فيفا موجب پي ايف ايف جي فٽبال هائوس ۾ ٿيل ڇڪتاڻ جو معاملو ڪانگريس اجلاس ۾ اٿاريو ويندو، ان حوالي سان اشفاف گروپ جو موقف آهي ته فيفا جي نارملائزيشن ڪميٽي ڏيڍ سال کان اليڪشن ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي، تنهن ڪري ميمبرز کي آفيس مان نڪري وڃڻ جو چئي معاملا سنڀاليا.