نوابشاهه (ن پ ا) اسپيشل ايجوڪيشن جي آر ڊي جي ريجنل آفيس ۾ ريجنل ڊپٽي ڊائريڪٽر احمد نواز منگي ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عبدالحميد بروهي ۾ جھيڙو ٿي پيو، ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا، 18 گريڊ جو آفيسر ريجنل ڊپٽي ڊائريڪٽر احمد نواز منگي گرفتار  آفيس سيل، بالو جا قبا پوليس آفيس پهچي ريجنل ڊپٽي ڊائريڪٽر احمد نواز منگي کي آفيس مان گھليندي پوليس موبائيل ۾ وجھي ٿاڻي تي کڻي وئي، آفيس اندر ماحول خراب ٿيڻ تي پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي، 18 گريڊ جي آفيسر کي گھلڻ ۽ پوليس طرفان ٿڦڙ ھڻڻ واريون وڊيوز ڀريندڙن کان پوليس موبائيل فونز کسي وڊيوز ڊليٽ ڪري ڇڏيون،  پوليس ۽ ريجنل ڊپٽي ڊائريڪٽر احمد نواز منگي واري ڇڪتاڻ واري ڪجگ وڊيو ٽائيم نيوز کي ملي ويون آهن، ريجنل ڊپٽي ڊائريڪٽر احمد نواز منگي فون تي رابطو ڪري ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته مان غلط اپائنٽمنٽ نه ڪرڻ ڏني ۽ آفيس ۾ فنڊ ھڙپ ڪرڻ نه ڏنا، ان ڪري مون خلاف سازشون ڪري مون کي ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، معاملو عدالت ۾ ويل آھي، مون تي پوليس  پاران آفيس ۾ گھڙي تشدد ڪيو ويو آهي، آفيسر ھتي محفوظ ناھن، ٻڪري چور سان به ناھي ٿيندو جئين ھنن مون سان ڪيو آهي، ٻئي طرف اسٽنٽ ڊائريڪٽر عبدالحميد بروهي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته رينجنل ڊپٽي ڊائريڪٽر احمد نواز منگي مون تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو ۽ ڪپڙا فاڙيا، منھن ۾ ڌڪ لڳو  جنهن سبب زخمي ٿي پيس، هن چيو ته سيڪريٽري اسپيشل ايجوڪيشن  پرويز سيھڙ ڊپٽي ڊائريڪٽر احمد نواز منگي کي 9 مارچ تي سسپنڊ ڪري ڇڏيو آھي پوءِ به آفيس اچي ملازمن کي ڌمڪيون ڏيئي ٿو، انڪوائري ھلندڙ گدو ۾ به علاج ڪرايو اٿس، ذھني مريض آھي اسان جي جان ڇڏائي وڃي.