لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڳوڻي اسپيڊ اسٽار شعيب اختر جو چوڻ آهي ته شاهين آفريدي، حارث رئوف ۽ نسيم شاهه جي جوڙ پاڪستاني ٽيم کي خطرناڪ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ٽئي تمام گهڻو پراعتماد آهن. اسپورٽس اسٽار نالي شو ۾ هرڀجن سنگهه سان گڏ ڳالهه ٻول دوران شعيب اختر جو چوڻ هو ته شاهين، حارث ۽ نسيم جي موجودگي مخالف ٽيمن کي ٻڌائي ٿي ته پاڪستان بالنگ ۾ ڪيترو خطرناڪ آهي، کين رنسن ڏيڻ جو ڊپ ناهي ۽ وڪيٽون وٺي ڏيکارين ٿا. شاهين، حارث ۽ نسيم کي وسيم اڪرم ۽ وقار يونس جهڙي بالنگ لائين اپ چوڻ تي شعيب اختر چيو ته ٽنهي فاسٽ بالرن ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ آهي. شعيب اختر پاڪستان طرفان دنيا جا بهترين فاسٽ بالر پيدا ڪرڻ جي صلاحيت تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان وٽ هن وقت دنيا جا بهترين فاسٽ بالر آهن، شاهين هن وقت پنهنجي عروج تي آهي، حارث به شاهين جي مائينڊ سيٽ سان اڳتي وڌي رهيو آهي. اڳوڻي فاسٽ بالر،  نسيم شاهه کي مشورو ڏيندي چيو ته نسيم کي وڪيٽ وٺڻ واري انداز سان بالنگ ڪرڻ گهرجي، هو اسٽاڪ بالنگ بدران وڪيٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪري ڇو ته سندس بال شاهين کان وڌيڪ سوئنگ ٿئي ٿو. اڳوڻي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته اسان وٽ هڪ اسپنر جي کوٽ آهي، شاداب جيتوڻيڪ بهترين بالر آهي پر ساڻس گڏ به ٽيم ۾ هڪ وڌيڪ اسپنر هئڻ گهرجي، پاڪستان وٽ مڊل اوورن لاءِ عبدالرزاق جهڙي بالر جي کوٽ آهي، اسان کي ڀارت خلاف فهيم اشرف کي کيڏائڻ گهرجي ڇو ته اهڙي صورتحال ۾ اسان جي بالنگ وڌيڪ بهتر ٿي ويندي. ڀارتي ٽيم بابت ڳالهائيندي شعيب اختر چيو ته ٻن سالن دوران ڀارت ڇو پنهنجي فائنل ٽيم جو اعلان ناهي ڪري سگهيو،