ڪولمبو ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جون ڪوششون رنگ ڏيکارڻ لڳيون ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ جي ريزرو ڊي لاءِ ها ڪري ڇڏي آهي. سرينڪا ۾ تيز برساتون جاري آهن ۽ مقامي موسميات کاتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي جنهن سبب ٽورنامينٽ جو فائنل به متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ دوران سريلنڪا ۾ تيز برساتن کي نظر ۾ رکندي ڪيئي ڀيرا اعتراض اُٿاريا هئا ۽ پي سي بي طرفان برساتن سبب ٿيندڙ نقصان جي ازالي جو مطالبو پڻ ڪيو ويو هو. پاڪستان طرفان برساتن جي اڳڪٿي ۽ ايونٽ جي ري شيڊيولنگ جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو ۽ هاڻي پي سي بي جي خدشن ۽ اعتراضن کانپوءِ اي سي سي ريزرو ڊي جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي جي اهم ميچ ڏهه سپٽيمبر تي شيڊيول آهي برسات جي صورت ۾ ميچ ريزرو ڊي تي کيڏي ويندي، ڏهه سپٽيمبر تي ميچ مڪمل نه ٿي ته اِها ميچ يارنهن سپٽيمبر تي جاري رهندي، ميچ اتان شروع ٿيندي جتان روڪي وئي هئي. جيڪڏهن ميچ ريزرو ڊي تي کيڏي وئي ته ڀارت کي هڪٻئي پٺيان ميچون کيڏڻيون پونديون ڇو ته ڀارت ۽ سريلنڪا جي ميچ 12 سپٽيمبر تي شيڊيول آهي. جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ برسات سبب 11 سپٽيمبر تي به نه ٿي ۽ سريلنڪا ۽ ڀارت جي 12 سپٽيمبر تي شيڊيول ميچ به برسات سبب واش آئوٽ ٿي وئي ته ان صورت ۾ پاڪستان سڌي ريت فائنل ۾ پهچي ويندي ۽ ٻي فائنلسٽ ٽيم جي چونڊ ٽاس تي ٿيندي. ايشيا ڪپ جو فائنل 17 سپٽيمبر تي کيڏيو ويندو، فائنل به برسات سبب متاثر  ٿيڻ جي صورت ۾ ٻنهي ٽيمن کي گڏيل طور فاتح قرار ڏنو ويندو.