پاڪستان ،هندستان ۽ اسلام

0
339

10رمضان تي سنڌ جي قومي تحريڪ آزاد ۽ وشال سنڌ جي آخري حڪمران مهاراجا ڏاهر جي عرب فوجن هٿان مارجي وڃڻ تي سوڳ ڪندي هن کي سنڌ جي آزادي جي تحفظ خاطر ويڙهه ڪندڙ سورمي طور خراج تحسين پيش ڪيو. راجا ڏاهر کي“ سنڌ جو سورمو” سائين جي ايم سيد قرار ڏن، جنهن جو تسلسل اڄ به جاري آهي. ان کان اڳ نصاب ۽ تاريخ ۾ اسان کي پڙهايو ويندو هو ۽ آهي ته سنڌ باب الاسلام آهي.712ع ۾ سنڌ جي عربن هٿان فتح کانپوءِ اسلام باقي سڄي هندستان ۾ ڦهليو،جنهن ڪري سنڌ کي اسلام جو دروازو قرار ڏنو ويو آهي. مان سمجهان ٿو ته پاڪستان ۾ گهڻائي ان دعويٰ کي تاريخي سچ سمجهي ٿي، جيڪو دراصل تاريخي ڪوڙ آهي. ان تاريخي ڪوڙ هڻڻ ۽ نوان تاريخي سچ گهڙڻ ۽ عوام جي اڪثريت کي ان جي قبوليت تي مائل ڪرڻ ڏاڍ جي حڪمراني ذريعي ڏاڍو آسان هو، پر هاڻي معلومات جا ذريعا ايترا ته گهڻا ۽ گهڻ طرفا ٿي ويا آهن جو هاڻي اوهان پراڻا نوان سڀ سچ ڪوڙ آساني سان معلوم ڪري سگهو ٿا. هاڻي اوهان کي جنهن به معاملي تي تاريخي ۽ گهڻ رخي معلومات حاصل ڪرڻي آهي ان موضوع متعلق جڏهن اوهان گوگل تان معلومات حاصل ڪيو ٿا ته اها اوهان کي هر طرح جي معلومات آساني سان فراهم ڪري ٿي. هندستان ۾ اسلام عرب فوجين جي ذريعي نه عرب واپارين جي ذريعي داخل ٿيو هو. عرب فوجن سنڌ اٺين صدي جي شروعات ۾ فتح ڪئي هئي. اسلام عرب واپارين معرفت ستين صدي ۾ هندستان ۾ پير پائي چڪو هو، تنهن ڪري هندسنڌ ۾ باب الاسلام ڏکڻ هندستان آهي، نڪي سنڌ يا اتر هندستان. پاڪستان ۽ هندستان جو الميو اهو آهي ته تاريخي سچائين کي سچائي جي آئيني ۾ ڏسڻ بدران مخصوص اک جي آئيني سان ڏسڻ ۽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. يعني اهو نه ڏٺو ويندو آهي ته سچ ڇا آهي پر ان تي تحقيق ڪئي ويندي آهي ته جنهن کي اسان سچ سمهجون ٿا ته ان کي ڪنهن طرح ثابت ڪيون. هر دور جا حڪمران پنهنجي مفادن جو پوراءَ ڪندڙ سچ گهڙيندا آهن ۽ اهي عوام ۾ ڦهلائيندا آهن جيڪي اڪثر ڪوڙ يا اڌ سچ هوندا آهن ۽ گهٽ ماڻهو ڄاڻين ٿا ته اڌ سچ ڪوڙ کان به خطرناڪ هوندو آهي جو ماڻهو ان تي جلدي ويساهه ڪري وٺندا آهن ۽ اڌ سچ ڳالهائڻ واري وٽ دليل ۽ ثبوت هوندو آهي. جيتوڻيڪ ڪوڙ جا پير نه هوندا آهن ۽ سچ جون پاڙون پاتال ۾ هونديون آهن تنهنڪري سچ دير سوير نڪري نروار ٿيندو آهي پر جيئن ته حاڪم توڙي محڪومن جي اڪثريت اڄ به پنهنجي عارضي مفادن کي فوقيت ڏيندي آهي تنهنڪري سچ منظر تان غائب ٿي ويندو آهي ۽ ڪوڙ سچ بڻجي ماڻهن جي ذهنن تي حڪمراني ڪندو آهي. اهو ڪوڙ جي حڪمراني جو دور هوندو آهي پر ڪو به دور سدائين نه رهندو آهي ۽ هر دور کي نئين دور جا دروازا کولڻا پوندا آهن. سچ جي روشني پهرين بند درين ۽ دروازن جي وٿين مان داخل ٿيندي آهي، اهي ڪوڙ جا سڀ در دريون ڪوٽ قلعا ڪيرائي وجهندي آهي ۽ نئون سچائي جو دور شروع ٿيندو آهي. اچو ته سچ جي روشني جي آجيان ڪريون ان لاءِ اسان کي سڀ کان پهرين پنهنجي دل ۽ دماغ جون سڀ دريون ۽ دروازا کولڻا پوندا ۽ حقيقتن کي ايئن ئي ڏسڻو پوندو جيئن اهي آهن. نه ڪي ايئن جيئن اسان انهن کي ڏسڻ چاهيون ٿا. سنڌ باب الاسلام آهي يا نه اهو ڏسڻ لاءِ اچو ته اهو ڏسون ته اسلام مڪي مديني کان نڪري سڄي دنيا خاص طور هند سنڌ ۾ ڪيئن داخل ٿيو. ستين صدي جي شروعات ۾ 610ع ۾ اسلام جي پهرين ۽ آخري پيغمبر حضرت محمد صه تي مڪي جي غار حرا ۾ پهريون ڀيرو وحي نازل ٿي. اتان اسلام جي ابتدا ٿي. 610 ع کان 622 ع تائين اسلام جو پرچار مڪي ۾ ٿيندو رهيو. جنهن جون خبرون چارون آس پاس ڦهلجنديون رهيون،جڏهن حضور صه يثرب (مديني) ڏانهن هجرت جو فيصلو ڪيو ته غار حرا ۾ وحي جي نزول کان پوءِ اهو تاريخ اسلام جو سڀ کان وڏو موڙ ثابت ٿيو. مديني ۾ هوءَ اڳيان هلي حاڪم بڻجي اڀريا، جنهن سڀ کان پهرين پهنجو ديس مڪو فتح ڪيو. جنهن کان پوءِ رياستي اسلام ۽ مسلم فتوحات جو دور شروع ٿيو، مڪي ۽ مديني ۾ اسلام پرچار ذريعي ڦهليو پوءِ تلوار پنهنجو ڪمال ڏيکاريو. عربيا، ايران ۽ آفريڪا ۾ اسلام تلوار واپار ۽ پرچار ذريعي ڦهليو. جڏهن ته هندستان ۾ اسلام پهرين واپار ذريعي داخل ٿيو ۽ پوءِ تلوار فيصلا ڪن ڪردار ادا ڪيو. ٻنهي صورتن ۾ پرچار جو ڪردار عددي رهيو. سمورن مستند تاريخي حوالن مطابق هندستان جي پهرين مسجد 629ع ڏکڻ هندستان جي رياست ڪيرالا ۾ تعمير ڪئي وئي. جيڪا هندو چيرا حڪمران ڀاسڪر روي ورما پاڻ جوڙائي هئي، ان جا بنياد حضور صه جي ايراني صحابي مالڪ بن دينار رکيا هيا. اها مسجد اڄ به ڪيرالا ۾ هالابار جي سامونڊي بندرگاهه ميٿالا ۾ چيرا من جامع مسجد جي نالي سان قائم دائم آهي. اتي روايت مشهور آهي ته ڪيرالا جي چيرامن راجا واپارين کان حضور صه جي ايتري تعريف ٻڌي جو هن کي ملاقات جو شوق جاڳيو ۽ هو انهن سان گڏجي حضور صه سان ملاقات لاءِ عرب ڏانهن روانو ٿيو ۽ پويان حڪومت امانت طور پنهنجي پوين جي حوالي ڪئي. ان مان اوهان صاف سمجهي سگهون ٿا ته اصل باب الاسلام سنڌ ناهي، ڪيرالا آهي. جٿي اسلام پنهنجي نظرياتي سگهه سبب داخل ٿيو، نڪي تلوار جي زور تي، زبردستي سان ۽ پهريون مسجدون مقامي ماڻهن، راجائن ۽ عرب واپارين جي باهمي سهڪار سان جڙيون.ابتدائي مسجدن مان ٻي مسجد ڏکڻ هندستاني رياست تامل ناڊو ۾ جڙي، سنڌو ماٿر جي پهرين مسجد گجرات جي گهوگها بندر ۾ جڙي، جيڪو عرب انڊيا ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ واپار جو وڏو سامونڊي مرڪز هو، سنڌو بندرن ۽ سيلون جو واپار ايترو اوج تي هو جو اتي هڪ پهاڪو مشهور ٿي ويو هو.“لنڪا جي لاڏي ۽ گهوگها جو گهوٽ.” تاريخي جا پراڻا ورق ورايو ته اوهان جي آڏو نئين سچايون نکري نروار ٿينديون جيڪي اسان لاءِ نئين مستقبل جي تعمير ۾ ڪارائتيون ثابت ٿي سگهن ٿيون. اسان جيڪڏهن عالم اسلام کي يعني پوڻا 2 ارب انسانن کي زوال پذير معاشرن ۽ سوچن مان ڪڍي جديد ترقي جي مادي ۽ روحاني(ذهني )ترقي جي عظيم شاهراهه تي گامزن ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسان کي تاريخ اسلام جو کليل دل ۽ دماغ سان مطالعو ڪرڻو پوندو ۽ تاريخ مان ڪي سبق سکي ترقي جي نئين شاهراهه تعمير ڪرڻي پوندي. تاريخ مان سبق سکڻ جو پهريون قدم ئي اهو هوندو آهي ته ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي چڪو آهي ان کي جيئن جو تئين قبول ڪجي.اسان کي پنهنجي ماضي جي وارثي قبول ڪرڻي پوندي . اسان کي ڏسڻو پوندو ته هتي اسلام ڪيئن آيو، ڪيئن ڦهليو، ڪهڙين قومن، برادرين ۽ خطن ۾ اسلام جڙ پڪڙي ۽ انهن مان ڪنهن ۽ ڪيئن ترقي ڪئي ۽ انهن مان ٻيا ترقي جي ڊوڙ ۾ پوئتي ڇو رهجي ويا آهن. انهن کي ترقي جي شاهراهه تي ڪيئن آڻي سگهجي ٿو.
راجا ڏاهر هيرو آهي يا محمد بن قاسم اهو ته سنڌ جي تاريخ ۾ جهاتي پائڻ جو ابتدائي نقطو هو ۽ اسان 50، 60 سالن کان پوءِ به انهي نقطي تي اٽڪيل آهيون. ان ۾ اسان جي ذهني پسماندگي جي نشاني آهي. اسان تلاءَ جي بيٺل پاڻي جو ڏيک ڏئي رهيا آهيون. اسان کي سنڌو ٿيڻو پوندو، اسان کي سمنڊ ٿيڻو پوندو، اسان کي مٺو در ۽ کارو در ٻئي در کولڻا پوندا. اسان جڏهن ان سوال جي جواب ڳوليون ٿا ته اسلام هند سنڌ ۾ ڪيئن ۽ ڪڏهن داخل ٿيو ته اسان کي بلڪل واضح ۽ چٽو جواب ملي ٿو ته اسلام هتي ستين صدي جي ٽين ڏهاڪي ۾ سمنڊ رستي واپار ڪندڙ عرب واپارين متعارف ڪرايو ۽ اهو هند سنڌ جي چند سامونڊي بندرگاهن تائين ڦهليو. دراصل عربن جو هندسنڌ، سيلون ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا سان سمنڊ رستي واپار اسلام جي آمد کان اڳ ايئن هلندو هو. سيلون / سريلنڪا سان واپار جي عربن کي ڪيرالا جي راجا کان خاص اجازت وٺڻي پوندي هئي. جنهنڪري انهن ساڻس خاص لاڳاپا قائم ڪري ورتا هئا. جيئن هر نئين سوچ، فڪر ۽ خيال بيٺل پاڻي ۾ لهرون پيدا ڪندو آهي. انسان تجُسس ڀريو جيو آهي ۽ سدائين نئين جي تلاش ۾ به رهندو آهي، ايئن ئي اسلام ڏکڻ هند جي سامونڊي بندرگاهن ميٿالا، مدراس ، ڪوڪن وغيره ۾ داخل ٿيو، جتي عرب مسلمانن پنهنجي عبادت لاءِ مسجدون جوڙيون. ڪيرالا جي چيرامن مسجد ان تاريخي تسلسل جي اڄ به گواهه آهي. پر پوءِ به جيڪڏهن ڪوئي حقيقت کان اکيون چورائي ڪيرالا بدران سنڌ کي باب الاسلام يا اسلام جو دروازو چوي يا سمجهي ٿو ته ان کي چوڻ ڏيو، اهو پاڻ کي دوکو ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. اسان کي ٻيو حوالو اهو ٻڌايو ويندو آهي ته سنڌ جي فتح کانپوءِ اسلام باقي هندستان ۾ ڦهليو جيڪو به تاريخي تحقيق ۾ سچ ثابت نه ٿو ٿئي. ان لاءِ به اسان کي ڏسڻو پوندو ته سنڌ ۾ اسلام ۽ عرب مسلمانن جي آمد ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿي. سنڌ جي فتح کان پوءِ به اسلام باقي هند ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن ڦلهيو. ان تي تفصيلي گفتگو ٻئي موقعي تي ڪبي پر سوچڻ ۽ تحقيق لاءِ اهو نقطو اوهان آڏو رکان ٿو ته سنڌ ته 712ع ۾ فتح ٿي ۽ ان سنڌ جو هڪ گادي جو هنڌ ملتان به هو. اهو به فتح ٿي ويو، پر ملتان کان لاهور تائين پهچڻ ۾ اسلام کي 300 سئو سال ڇو لڳا؟ تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته لاهور 11 هين صدي ۾ محمود غزنوي جي حملي ۽ فتح کانپوءِ مشرف به اسلام ٿيو. يعني سنڌ جي فتح کان 300 سال پوءِ به اسلام لاهور تائين نه ڦهلجي سگهيو هو، اهو باقي هندستان ۾ ڪيئن ڦهليو؟ اوهان تحقيق ڪيو ته صاف ڏسي سگهو ٿا ته لاهور ۽ دهلي ۾ اسلام تلوار جي زور تي داخل ٿيو آهي ۽ اهو به سنڌ جي فتح کان 300 سال پوءِ اهو به نڪي سنڌ کان نه عربستان کان.
سنڌو ۽ سمنڊ جيان وسيع ۽ وشال ذهن سان تاريخ ۾ جهاتي پايو ته اوهان کي ايتريون ته سچايون ملي وينديون جن کي قبولي ۽ جن مان سبق سکي حال ۽ مستقبل بهتر بڻائڻ جون نيون راهون ڳولي سگهجن ٿيون.