سرمائيداراڻي نظام ۾ پورهيتن جو استحصال: هڪ طبقاتي تجزيو

0
431

مئي 1886ع ۾ مزدورن اٺ ڪلاڪ روز ڪم جو مطالبو ڪيو، ڇو ته مزدورن کي غير انساني حالتن ۾ ٻارنهن کان سورنهن ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو هو. ان مطالبي جي مڃتا لاءِ مزدورن هڙتال ڪئي. مزدور تحرڪ سامهون پوليس پُرتشدد ڪارواين سبب ٻه مزدور شهيد ٿيا. اهو واقعو چار مئي تي ٿيو. نتيجي ۾ “هي مارڪيٽ اسڪوائر” ۾ مزدورن جلسي جو اعلان ڪيو. پوليس فائرنگ ڪندي ست مزدور شهيد ڪيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. مزدورن پنهنجي رت هاڻن ڪپڙن کي ڳاڙهي جهنڊي ۾ بدلايو. ان ڪري اڄ به سُرخ رنگ انقلاب جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. مزدورن جي قربانين جي ڪري هي مطالبو سگهارو ٿيو: ڪم صرف اٺ ڪلاڪ. هي حق 1887ع تي آمريڪا ۾ سرڪاري طور مڃيو ويو. فريڊرڪ اينگلس جي صدارت ۾ ٻي انٽرنيشل ڪانفرنس جي انٽرنيشنل سوشلسٽ ڪانفرنس ۾ پهرين مئي کي مزدورن جو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ٿيو.
ارڙهين صدي ۾ صنعتي انقلاب آيو. ڪوئلي ۽ ٻاڦ جي انجڻ تي صنعتون هلڻ لڳيون. ڪچي مال ۽ منڊين جي تلاش سان جاگيردار سماج سرمايه داري نظام ۾ بدلجڻ لڳو. صنعتي ترقي غلامي جي شڪل تبديل ڪرڻ لڳي. مزدور گهٽ اجرت تي وڌ ڪم جا پابند ڪيا ويا. مزدورن جو استحصال صنعتي انقلاب کانپوءِ وڌيڪ ٿيڻ لڳو. صنعتي انقلاب عام ماڻهو لاءِ  مسئلا ۽ مصيبتون کڻي آيو، خاص ڪري پورهيت طبقي جو استحصال ٿيو، مزدور پاڻ ڀٽڪندو رهيو ۽ زندگي جي حالت خراب ٿيندي ويئي. 18 کان 20 ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو هو. صنعتڪار گهٽ ۾ گهٽ اجرت تي وڌ ۾ وڌ ڪم ڪرڻ جا حامي هئا ته جيئن وڌ کان وڌ منافعو ڪمائي سگهجي. ان عمل ۾ پورهيت ٻار۽ عورتون به شامل هيون. انهن کي مشڪل سان ماني کائڻ جو وقفو ملندو هو. هي صنعتي انقلاب 1760ع ڌاري انگلينڊ کان شروع ٿيو، 1820ع ڌاري فرانس، آمريڪا، بيلجيم، ۽ 1880ع ڌاري روس ۽ اوڀر يورپ تائين گهرا اثر ڇڏيا. صنعتي انقلاب  جي ڪري سياسي، سماجي ۽ معاشي تبديليون رونما ٿيون. ايئن سامراجيت پير پختا ڪيا ۽ دنيا ۾ ڪالونيل دور شروع ٿيو.
ڪارل مارڪس سائنسي سوشلزم جو نظريو ڏنو. هن فريڊرڪ اينگلس سان گڏ ڪميونسٽ مينيفيسٽو لکيو. مارڪس داس ڪيپٽل ۾ سرمايه داري جي وضاحت ڪئي. هن يهودي سوال ۽ جرمن آئيڊيالاجي ڪتاب لکي مختلف سوال واضح ڪيا. سندس نظريي تي ڪامريڊ لينن 1917ع ۾ روس ۾ پهريون پورهيت انقلاب برپا ڪيو. پورهيت دوست انقلابي نظريي کي عمل ۾ آڻڻ لينن جو ڪمال ڪارنامو آهي.
سوشلسٽ معيشت انساني ضرورتن مطابق هوندي آهي ۽ انهن جو پورائو ڪندي آهي، جڏهن ته سرمائيداري نظام جي معيشت ناڻي ۽ نفعي تي کپائي ويندي آهي. سرمائيدار ٻين جي پورهئي تي پلجندو آهي. هو پورهيت کي ايتري اُجرت ڏيئي ٿو جو هو صرف زندهه رهي سگهي ۽ هُن جي سرمايي کي سگهه بخشي! پرولتاري اُجرت تي پيٽ  پالڻ لاءِ  پنهنجي سگهه ۽ صلاحيت وڪرو ڪري ٿو ۽ سرمائيدار خريد ڪري ٿو. سرمائيدارانه نظام ڦُرلٽ ۽ استحصال تي بيٺل آهي. هن نظام ۾ مزدور ڪمائن ٿا ۽ سرمائيدار کائي ٿو. موجوده وقت ۾ ھي گلوبل سرمايه داراڻو دور آھي، نيو لبرل معيشت جو راڄ آھي. ان اعتبار کان خاص ڪري ٽين دنيا جا ملڪ قرضي ڪري، انهن تي آزاد معيشت جا متا مسلط ڪيا ويندا آهن. اقوام متحدا ۽ ان جي ادارن جهڙوڪ: بين القوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف)، ڊبليو ٽي او ۽ ورلڊ بئنڪ جو ڪم معاشي لبرل ازم لاءِ راهون هموار ڪرڻ آهي. ۽ لبرل رياستون عالمي مالياتي ادارن، ملٽي نيشنل ڪمپنين، اين جي اوز، ۽ ڪارپوريشنس جي معيشت ۽ رليف تي ڀاڙين ٿيون. عالمي سرمايي جي ادارن جو ڪم گلوبلائزيشن يعني (سامراجي) عالميگيريت قائم ڪرڻ آهي.نيولبرل ازم جو تصور سرمايي جي ورهاست سان منسوب آهي. ان فڪر جي معرفت منڊيون آزاد هونديون آهن، هي دراصل سرمايي جي آزادي جو تصور آهي.
اڄ جو پورهيت سامراجي عالمگيريت جو کاڄ ٿئي ٿو. عالمي مالياتي داران ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي مدد سان تشڪيل ڏنل نيولبرل معيشت بُک ۽ غربت کي ويتر وڌائي ٿي. عالمي مالياتي ادارا رياستن تي ادارن جي نجڪاري جي شرط سان معاهدا ڪن ٿا ۽ قرض ڏين ٿا ته جيئن پنهنجي پاليسين ۽ ايجنڊائن تي عمل ڪرائي سگهن. آءِ ايم ايف قرض کڻندڙ رياستن لاءِ معاشي بحران پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. آءِ ايم ايف جي قرضن جي نتيجي ۾ ادارن جي نجڪاري ٿئي ٿي. پبلڪ سيڪٽر مان پرائيويٽ سيڪٽر بڻايو وڃي ٿو. اڄ عوام روزگار ۽ سهولتن لاءِ نجي شعبن ڏانهن لڙيل آهي. رياست جو فرض آهي ته هو عوام کي بنيادي سهوليتون فراهم ڪري، پر هتي عوام صحت، تعليم، بجلي، سفر، جهڙيون سهوليتون به نجي شعبن کان حاصل ڪري ٿو. اهڙي نظام ۾ پورهيت وڌيڪ شڪار ٿئي ٿو. ايئن مزدور جو استحصال مختلف موقعن تي ۽ مختلف طريقن سان ٿئي ٿو. هن وقت پيداواري وسيلن يعني ٻنين، فيڪٽرين ، ڪارپوريشنز، مِلن وغيره تي چند سرمائيدار ماڻهو قابض آهن، جيڪي پورهيت طبقي سان اقتصادي ۽ اخلاقي جُٺيون ڪن ٿا. سرمائيدار پنهنجي سرمايي کي اڃان وڌائڻ لاءِ غريب مزدور کي اقتصادي طور محدود رکندو آهي. هو چاهيندو  آهي ته ٻين جي رت ۽ ست سان ايتري ملڪيت ميڙي جو سندن آئنده پيڙهيون به مزدور جي ان ڪمائي مان پلجنديون رهن. طبقاتي پيداواري نظام جي سماجي معاشي بيهڪ استحصال جون مختلف صورتون ڄڻي ٿي. منافعي خوري جي معيشت ذريعي سرمايه دارن ۽ جاگيردارن کي ڦرلٽ ڪرڻ جي آزادي آهي. موجوده وقت ۾ پاڻ وٽ هتي سيٺين ۽ ٺيڪيدارن پورهيتن جي پگهر تي عاليشان عمارتون کڙيون ڪيون آهن، اهي مزدور بس پيٽ پالنا کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿا ڪري سگهن. مزدور جا ٻار پيٽ بکيا ۽ انگ اُگهاڙا رهجي وڃن ٿا، عورتون عذاب سهن ٿيون. ظاھري طور تي سرمائيداراڻي نظام ۾ عورت آزاد لڳي ٿي، پر ان جي قيمت تي لکين عورتون بک ۽ غربت ۾ گذارين ٿيون. ساڳي ريت سرمائيداري ۽ آزاد مارڪيٽ جي معيشت بھتر لڳن ٿيون، ڇو ته اھي منافعي تي توھان جي ضرورت جي ھر شيءَ مھيا ڪن ٿيون، پر ان لقاءُ سبب ڪيترا ماڻهو معاشي طور غريب ٿين ٿا.
طبقاتي استحصال ۽ جبر جي ھن بيھڪ ۾ بورجوازي حڪمران طبقي وٽ پورھيتن جي ڀلي لاءِ ڪجھه به نه آھي. الٽو ڏاڍ ۽ ڏمر سان پورھيت جي ووٽ کي پنھنجي حق ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ساڄي ڌر جون رجعتي سياسي پارٽيون پورهيتن کي ووٽن ۽ جلسن جو ٻارڻ ڪن ٿيون. سماجي ۽ معاشي بدحالي هئڻ سبب موجوده بورجوا جمهوريت تي هر ماڻهو سوال اُٿاري ٿو. ساڄي ڌر جون سياسي پارٽيون ئي اصل ۾ عملي طور هاري پورهيت دشمني ۾ مهنداري وارو ڪردار ادا ڪن ٿيون. تنگ نظر سياست انسان کي سڃاڻپ جي بحران ۾ مبتلا ڪري نسلي ۽ فرقيواراڻا تضاد اُڀاريندي آهي. پورهيت دوست سياست جي ڀيٽ ۾ اهو ڪم گهڻو ٿيو آهي. جمهوريت کي پيرن، سرمائيدارن ۽ جاگيردارن ذريعي گُهٽو ڏنو ويو آهي. عوام جيڪر ناانصافين خلاف احتجاجي ٿئي ٿو ته لٺ ڌڪي سان خاموش ڪيو وڃي ٿو. ڇا ڪرپٽ حڪمران ٽولي جو ڪم ۽ ڪارج رڳو آئوٽ سورسنگ ڪندڙ ڪمپنين جي سيڪيورٽي ڪرڻ ۽ جي ڪو سياسي تحريڪ اُٿي ٿي ته ان جي مٿي ۾ مُترڪو هڻڻ آهي؟ 
آزاد منڊي واري اقتصاديات سان بک، غربت، بيروزگاري ۽ مھانگائي وڌي آھي. ان ڪري پورھيت سستي اگھه تي پنھنجي سگھه وڪڻي ٿو. ايئن سستو پورھيو بر آمد ٿئي ٿو. آبادي جي واڌ سان بيروزگاري وڌي وئي آهي ۽ بيروزگاري جي اضافي سان پورهيت جي سگھه سستي اگھه تي خريد ڪئي وڃي ٿي. مزدورن کي ايڪسپورٽ ڪيو وڃي ٿو. نجي ادارن ۾ مزدور گهٽ پگهار تي گهڻو وقت ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن، جتي مزدور يونين به گهڻو ڪري آهن ئي ڪونه، ٺيڪيداري نظام مزدور جي محنت جو استحصال ڪري ٿو. 
هن دور جي دنيا ۾ سامراجي، قومي، فرقيواراڻا، طبقاتي، ماحولياتي ۽ صنفي تضاد گهرا ۽ واضح آهن. اين جي اوز کي پورهيت جي حالت سڌارڻ لاءِ پروجيڪٽن تي ڪم ڪرڻ جي مشڪري کي به سمجهڻ جي ضرورت آهي. اين جي اوز انقلابي تحريڪن، ليبر يونين ۽ پارٽين جو متبادل نه هئڻ گهرجن.انهن جو مطلب ۽ مقصد سامراجي ڊونر ادارن کان فنڊنگ وٺي حقيقي سياسي مزاحمت کي ماٺو ڪرڻ آهي. هي امداد ۽ خيرات جهڙي پروجيڪٽ فنڊنگ سان مزدورن جي حقن جي ڳالھه ڪن ٿيون، جنهن ڏينهن پروجيڪٽ ختم، ان ڏينهن “جدوجهد” به ختم. انهن اين جي اوز جو ڪم خيرات ڏيندڙ ۽ وٺندڙ جو تعلق جوڙي ڳالهين جي ٿڦڪي هڻڻ آهي.
بغاوت ۽ انڪار هر دور ۾ انساني شعور کي نه صرف وڌايو آهي، پر بغاوت ۽ انڪار انساني شعور جو اظهار به آهي. تاريخ جي هر دور ۾ ايئن نه ٿئي ها ته انسان عقيدي کان ٻاهر نڪري ترقي نه ڪري سگهي ها. رجعتي ثقافتي رجحانن جي پيروي ڪرڻ سان ذهن نظام تي سوال ڪرڻ بجاءِ راسخ العقيدا ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن طبقاتي سماجي بيهڪ جي سمجھه سان مظلوم جي درد کي محسوس ڪري ان جي حقن لاءِ جدوجهد نٿو ڪري، اهو ماڻهو ڪنهن به انسان سان محبت ڪرڻ جو دعويدار نٿو ٿي سگهي. اهڙي انسان جي محبت فريب ۽ منافقت کانسواءِ ڪجھه ئي نٿي هجي. جتي انسان دوستي ڪونهي، اتي محبت ڪونهي. اڄ جي دور ۾ هاري مزدور جدوجهد جو سوال اڳي کان گهڻو اهم ۽ لازم ٿي پيو آهي. شهر جي مزدور ۽ ٻهراڙي جي هاري کي جوڙڻ کانسواءِ ٻيا نظرياتي ٻنڌڻ فضوليات جي لفاظي آهن. ڪامريڊ لينن “ڇا ڪيو وڃي” ۾ لکي ٿو ته: “ڪنهن به طريقي سان سوشلسٽ نظريي جي اهميت کي گهٽائڻ جي معنيٰ بورجوا نظريي کي مضبوط ڪرڻ ٿيندي.”هارين ۽ مزدورن جي سماجي ۽ معاشي تحفظ لاءِ يونينز ۽ انقلابي پارٽي جي اهم ضرورت آهي ته جيئن سرمائيداراڻي ڦرلٽ خلاف مزاحمت جو ماحول جوڙي سگهجي. سنڌ ۾ هاري ۽ مزدور ئي انقلاب جي هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هارين ۽ مزدورن جي جدوجهد ئي هن استحصال پسند سرمائيداراڻي سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِسوشلسٽ انقلاب برپا ڪري سگهي ٿي.