ڌرتي ڌڪاڻا بڻايل مقامي ماڻهو ۽ خاموش حڪمران

0
584
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

قانون هر شهري کي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو ۽ اهو تحفظ رڳو جاني ناهي هر شهري کي مال ملڪيت ۽ انساني حقن جو تحفظ به آئين ۽ قانون ذريعي مليل آهي ۽ حڪومت انهي قانون ۽ آئين تحت هر شهري جي تحفظ جي ذميوار آهي پر اسان وٽ ٿيندو اهو آهي ته جڏهن به ڪنهن عام ماڻهو جي حق تلفي ٿيندي آهي ته حڪومت يا انتظاميا انهي ماڻهو جي مدد ڪرڻ بدران ڏاڍي سان گڏ بيٺل نظر ايندي آهي ۽ عوام احتجاج تي مجبور هوندو آهي.
ملير ۾ ڪجهه وقت کان وٺي ڌرتي ڌڻي پنهنجي ٻنين ۽ زمين تي زوري قبضي جون دانهون ڪري رهيا آهن، احتجاج ڪري رهيا آهن پر انهن جي دانهن کي ورنائڻ بدران حڪومت ماٺ ۾ آهي ۽ انتظاميا ڏاڍن جي ونگار وهي رهي آهي .سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي جي آبادي ورهاڱي بعد تيزي سان وڌندي رهي ٿي، ورهاڱي کان اڳ هي شهر جيڪو 6 لک آبادي جي لڳ ڀڳ هو، اهو هاڻي 2 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي رکي ٿو، جنهن شهر جا روڊ گلاب جي پاڻي سان ڌوپندا هئا، جنهن شهر ۾ ٽرامون هلنديون هيون، جنهن شهر جا روڊ رستا ۽ گهٽيون عالمي معيار جي شهرن جهڙيون هيون، انهي شهر مٿان ورهاڱي بعد آبادي جي دٻاءُ جيڪي اثر ڇڏيا انهن ۾ هن شهر جا ڌرتي ڌڻي ۽ شهر جا اڏيندڙ آهستي آهستي گم ٿيندا پيا وڃن، هن شهر جا قديمي رهواسي پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهن، ڪراچي جي سامونڊي ڪنارن تي آباد لکين مهاڻا ته دربدر ٿيا پر هاڻي ڪراچي شهر جي اندر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ سوين ڳوٺ به بلڊر مافيا جي ورچڙهي ميسارجي رهيا آهن، ڪراچي ۾ وڏين رهائشي هائوسنگ اسڪيمن ذريعي انهن ماڻهن کان رهائش کسي پئي وڃي جن پنهنجا ڪي ئي نسل هن شهر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ گذاريا آهن، جن هن شهر کي سبزيون ڏنيون، کير ڏنا، مزدوريون ڪيون ۽ پورهيا ڪيا انهن ماڻهن کان هاڻي ڇت به تيزي سان کسي پئي وڃي، ڪراچي شهر جي اندر به ناظم آباد، گلشن اقبال، اورنگي ٽائون ، ڪورنگي سميت ڪيترن ئي وڏين رهائشي هائوسنگ اسڪيمن ذريعي سوين ڳوٺ اجاڙيا ويا، هاڻي وري بحريا ٽائون ذريعي ڪراچي جي باقي بچيل ڳوٺن مٿان به تلوار لٽڪائي وئي، اسين ڪڏهن به ترقي جا مخالف ناهيون پر اها ڪهڙي ترقي آهي جنهن ۾ انهن ماڻهن جي جهوپڙي به نه بچي ۽ اها ترقي مقامي ماڻهن جي زمينن تي زبردستي قبضا ڪري ڪئي وڃي، جن ماڻهن هن ڌرتي تي صديون گذاريون هجن،بلڊرز جا بلڊوزر هر آئي ڏينهن ڪنهن نه ڳوٺ مٿان ڳجهن جيان لامارا ڏين ٿا، سنڌ سرڪار ۽ سنڌ پوليس ڌرتي ڌڻين جو ساٿ ڏيڻ بدران بلڊرز جي ٻانهن ٻيلي ٿي بيهي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي جي قديم ڳوٺن مٿان ڪاهون ڪندي ذري جي به ڪنهن کي ڪهل نٿي اچي، توڙي جو سنڌ ۾ حڪمران پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري سنڌ سرڪار کي هدايت ڪئي آهي ته ڳوٺن کي ڊاهڻ جو سلسلو بند ڪري انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ هن صوبي جي اعليٰ عدالت پڻ ڳوٺ ڊاهڻ خلاف اسٽي جاري ڪيو آهي پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ حڪومت هن وقت تائين ڇو خاموشي اختيار ڪري ويٺل هئي ؟
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ سرڪار جي پهرين ذميواري انهن قديمي ڳوٺن جو تحفظ هجڻ گهرجي، انهن ڳوٺن جي ماڻهن هميشه پ پ جو ساٿ ڏنو آهي،ڀلي اهي جيڪڏهن حڪمران پارٽي جا ووٽر به نه هجن ها تڏهن به انهن جي حقن جو تحفظ حڪومت جو فرض آهي انهن ٻي ڪا ترقي ته ناهي گهري، رڳو پنهنجي ڳوٺن جو تحفظ گهريو آهي، جيڪو قانوني ۽ آئيني حوالي سان صوبائي حڪومت جي ذميواري بڻجي ٿي ۽ سنڌ سرڪار پنهنجي انهي ذميواري کي ادا ڪندي تحفظ يقيني بڻائي.