واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ عوام کي پر امن احتجاج جو حق حاصل هجڻ گھرجي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ويدانت پٽيل هفتيوار بريفنگ دوران سوالن جا جواب ڏيندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري تي تصبري کان انڪار ڪيو،جڏهن ته هن چيو ته ڪنهن جي به گرفتاري دوران ملڪي قانونن جو احترام ڪرڻ گھرجي ۽ آمريڪا ڪنهن هڪ سياسي پارٽي يا اميدوار جي مقابلي ۾ ٻئي جي حمايت ناهي ڪندو. آمريڪي پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام کي اظهار جي آزادي ۽ احتجاج جو حق آهي پر احتجاج دوران سرڪاري ملازمن ۽ سرڪاري عمارتن تي حملا ڪري ان کي پرتشدد نه بنائڻ گھرجي. هن چيو ته مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان آمريڪا لاءِ اهم آهي.