پارليامينٽ لاجز جي سڪيورٽي رينجرز ۽ ايف سي حوالي ڪرڻ جو فيصلو

0
569
پارليامينٽ لاجز جي سڪيورٽي

اسلام آباد: وفاقي حڪومت پارليامينٽ لاجز جي سڪيورٽي رينجرز ۽ ايف سي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو ته جيڪو مليشيا جي لباس ۾ اسلام آباد آيو ان کي نھ ڇڏيو ويندو، پوليس رينجرز ۽ ايف سي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ڪالهه خميس ڏينهن پيش آيل واقعي بابت ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اسان پارليامينٽ لاجز جي ڪمري نمبر 401 کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ڪمري تي نه کڙڪايو، اهو ڪمرو صلاح الدين جو آهي جنهن ۾ 20 ماڻھو ويٺا ھئا

گهرو وزير چيو ته مخالف ڌر جو  خراب وقت اچي رهيو آهي، هو بي اعتمادي جي رٿ کان اڳ اسلام آباد ۾ ڪو واقعو چاهين ٿا، سندن سياست جو پتو صاف ٿي سگھي ٿو

ھي به پڙھندا

فضل الرحمان استعمال ٿئي پيو، خوف نه ٿو پکيڙڻ چاهيان پر اطلاع سٺا نه آهن: شيخ رشيد