پارليامينٽ جو سڀاڻي ٿيندڙ گڏيل اجلاس معطل ڪيو ويو

0
233
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس
پارليامينٽ جو سڀاڻي ٿيندڙ گڏيل اجلاس معطل ڪيو ويو

پارليامينٽ جو سڀاڻي ٿيندڙ گڏيل اجلاس ملتوي ٿي ويو
سڌ سما جي وقاقي وزير فواد چوڌري ٽوئيٽ ۾ چيو تھ چونڊ سڌارا ملڪ جي مستقبل جو معاملو آھي، اسان نيڪ نيتي سان ڪوشش ڪري رھيا آھيون انھن معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ٿئي
ھن جوچوڻ ھو تھ اتفاق راءِ جي حوالي سان اسپيڪر اسد قيصر کي اپوزيشن سان ھڪ ڀيرو ٻيھر رابطو ڪرڻ لاءِ چيو ويو آھي تھ جئين ھڪ گڏيل چونڊ سڌارن جو بل آڻي سگھجي
سڌ سما جي وفاقي وزير جو چوڻ ھو تھ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس کي انھيءَ مقصد جي لاءِ معطل ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کي اميد بھ آھي تھ مخالف ڌر انھيءَ اھم سڌارن تي سنجيدگي سان غور ڪندي ۽ اسان پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ ھڪ گڏيل لائحھ عمل اختيار ڪري سگھنداسين
ھن جو چوڻ آھي تھ ايئن نھ ٿيڻ جي صورت ۾ اسان سڌارن سان پوئتي نٿا ھٽي سگھون
ياد رھي تھ وفاقي حڪومت ڪلڀوشن ۽ ٻين معاملن تي قانون سازي جي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 11 نومبر تي طلب ڪيو ھو
ياد رھي تھ گذريل ڏينھن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٻھ بلن ي تحريڪ تي حڪومت کي شڪت ٿي ھئي
سلم ليگ ن جي جاويد حسنين اميدوار تي 7 سال تائين چونڊ نشان تبديل نھ ڪرڻ جو بل پيش ڪيو جنھن جي حڪومت مخالفت ڪئي ھئي
اسپيڪر زباني راءِ شماري جي بنياد تي بل جي خلاف فيصلو ڏنو تھ مخالف ڌر چئلينج ڪيو، ڳڻپ ۾ مخالف کي 117 ۽ حڪومت کي 104 ووٽ مليا جنھن تي ڊپٽي اسپيڪر بل پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني