ڌانڌلي ختم ڪرڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته اي وي ايم آڻيون: وزيراعظم

0
273
وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ پيسا وٺڻ جي وڊيوز ڏيکارڻ باوجود ڪجهه نه ٿيو

ڌانڌلي ختم ڪرڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين آڻيون. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ ميمبرن کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته مان سياست ۾ ملڪ کي بدلائڻ لاءِ آيو  هيس

اسان 50 سالن ۾ صاف شفاف چونڊون نه ڪرائي سگهيا آهيون، جڏهن اخلاقيات ختم ٿيندي آهي ته ڪرپشن ايندي آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سينيٽ ۾ کليل ووٽ ذريعي اليڪشن ٿئي

ڳجهي ووٽنگ ۾ پيسو هلندو آهي. اليڪشن ڪميشن ۽ مخالف ڌر سينيٽ ۾ کليل ووٽ جي مخالفت ڇو ڪندا آهن؟ اليڪشن ڪميشن جو ڪم شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي اهو به اي وي ايم جي مخالفت ٿو ڪري. هن چيو ته اسان جو مقابلو مافيا سان آهي، هو تبديلي نه آڻڻ ڏيندي پر اسان کي آڻڻي پوندي.