ٽڪ ٽاڪ”فحش“ وڊيوز کي روڪڻ لاءِ نئون مڪينزم آڻي ڇڏيو

0
488

لاس اينجلس (شوبز نيوز ) مختصر وڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ اردو ٻولي ۾ سفيٽي سينٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگھجي ته پليٽ فارم ذريعي شيئر ڪيل  وڊيو ۾ حڪومتي هدايتن جي ڀڃڪڙي ته ناهي ٿي رهي. ملڪ جي ٽيليڪام ريگيوليٽري پي ٽي اي شڪايتن کانپوءِ ڪجهه مهينا اڳ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائي هئي ته پليٽ فارم تي فحش وڊيوز شيئر ڪرڻ لاءِ ضرورت کان وڌيڪ آزادي حاصل آهي.

سيفٽي سينٽر هڪ آن لائين ذريعو آهي جيڪو واهپيدارن کي ٽولز ۽ وسيلن سان ليس ڪري ٿو ته جيئن هو حڪومتي هدايتن موجب وڊيوز کي ايڊٽ ۽ ان ۾ ترميم ڪري سگھن. ٽڪ ٽاڪ سدائين چيو آهي ته هو اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪندا آهن جيڪو واهپيدارن جي تخليقي صلاحيتن جي حوصلا افزائي ڪري سگھجي. ٽڪ ٽاڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پليٽ فارم لاءِ اهم اهو آهي ته اهو محفوظ مقام فراهم ڪري جتي استعمال ڪندڙ پنهنجي خيالن کي حقيقت جو روپ ڏئي سگھن ۽ آزادي جو اظهار ڪري سگھن. ڄاڻ پورٽلز کي مختلف سيڪشنز ۾ ورهايو ويو آهي جنهن ۾ ٻارن جي تحفظ، والدين لاءِ هدايتون، احتياطي تدبيرون ۽ آپگھات جي الرٽ سميت حفاظت جا مختلف پهلو شامل آهن. حفاظتي مرڪز والدين ۽ سرپرستين کي نئين وڊيوز ذريعي حفاظتي طريقيڪار تي نظر رکڻ جي آڇ ڪري ٿو. پورٽل هڪ گائيڊ سيڪشن تي ٻڌل آهي جيڪو استعمال ڪندڙن کي تحفظ، رازداري ۽ حفاظت بابت ٽڪ ٽاڪ جي نقطه نظرکي وڌيڪ ڄاڻڻ جوڳو بڻائي ٿو. سيڪشن ۾ اهي هدايتون موجود آهن ته پليٽ فارم جو ڪيئن استعمال ڪيو وڃي ۽ ڪيئن حفاظتي ۽ رازداري ٽولز استعمال ڪيا وڃن.