ٽي ٽي پي بابت پاڪستان جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ طالبان پاران ڪميشن قائم

0
231

ڪابل: طالبان پاران ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان بابت پاڪستان جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ڪميشن قائم ڪئي وئي آهي. اها ٽه رڪني ڪميشن طالبان جي سربراهه هيبت الله اخونزاده جي هدايت تي قائم ڪئي وئي آهي ته جيئن پاڪستان جي انهن شڪايتن جو ازالو ڪري سگهجي ته ٽي ٽي پي سرحد پار حملا ڪرڻ لاءِ افعانستان جي سرزمين استعمال ڪري رهي آهي. وائيس آف امريڪا ۾ ڇپيل رپورٽ موجب ڪميشن پاران ٽي ٽي پي کي وارننگ ڏني وئي آهي ته اهي پاڪستان سان پنهنجا معملا سڌا ڪري خاندانن سميت پاڪستان هليا وڃن ۽ پاڪستان خلاف منفي سرگرمين کان پاسو ڪيو وڃي. ٻئي پاسي طالبان يا پاڪستان پاران ان معاملي تي ڪوبه باضابطه موقف سامهون ناهي آيو.