ٽوئيٽر ٽرينڊ سرڪاري نوڪرين لاءِ چالان فيس رڳو 100 رپيا هجڻ گهرجي: سوشل ميڊيا تي مهم

0
317
ٽوئيٽر ٽرينڊ سرڪاري نوڪرين لاءِ چالان فيس رڳو 100 رپيا هجڻ گهرجي: سوشل ميڊيا تي مهم

 نوڪرين لاءِ اميدوارن کان ڳري چالان فيس خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته چالان فيس رڳو 100 رپيا مقرر ڪئي وڃي،  ريڊيوس جاب چالان ٽو آر ايس 100 هيش ٽيگ ٽرينڊ باضابطه طور اڄ سوشل ميڊيا تي هلايو ويندو جنهن لاءِ ڪالهه آگاهي مهم طور ٽرينڊ هلايو ويو. ان سلسلي ۾ فرزين علي لکيو ته حڪومت عوام کي مهانگائي ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، عوام ٽيڪس الڳ ڏئي رهيو آهي  بيروزگاري کان پريشان نوجوان ۽ ناريون فيس چالان جا پئسا ڀرين ٿا ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ سفر ڪري خرچ ڪن ٿا، والدين به پريشان آهن، حڪومت کي گهرجي بيروزگارن کي ذهني ۽ مالي پريشاني کان بچائي.

اشفاق آذر لکيو ته جيڪي اميدوار ملازمتن لاءِ ٽيسٽ يا انٽرويو ۾ ڪواليفائي نٿا ڪري سگهن انهن کي پئسا واپس ريفنڊ ڪرڻ گهرجن، سسئي سنڌي لکيو ته مختلف نوڪرين جي ڳري چالان فيس جيڪي بيروزگار سنڌ جا نوجوان ۽ ناريون ڀرين ٿا ان کي گهٽائڻ لاءِ ٽرينڊ رکيو آهي جيڪو ڇنڇر 18 ڊسمبر  تي هلايو ويندو، سڀني ساٿين کي ساٿ جي اپيل ڪجي ٿي. جڏهن ته سعيد سانگري، اقصيٰ ڪينجهر جمالي، علي جويو، ڊاڪٽر امجد ميمڻ، توفيق ميمڻ، مهدي حسن سنڌي، محمد خان بجاراڻي، علي خواجه، فياض حسين، مٺڻ مهيشوري، سيد ساقي، محمد شفيق، بلاول زنگيجو، کيرٿر ملاح، اوشال کوسو، پرڪاش ميگهواڙ، سالار خان راهوجو، خالد حسين، عائشه خان، اطهر علي سومرو، سراج مزاري، محمد شفيق، ونود مهيشوري، عائشه حميد، سڀاش ڪمار، محمود شر، ماروي سومرو، مير سردار، دريا خان جهتيال، بلاول جوڻيجو، استاد راهي سومرو، مقدس ابڙو، رفيع الله حسن، عباس بلوچ، سجاد ميراڻي، آزاد علي، تانيه سليم پليجو، ايم رحيم کوسو، مهاديو مڪواڻو، صادق دائود ۽ ٻين اهڙي ٽرينڊ ۾ حصو ورتو، ٽرينڊ ۾ چيو ويو ته فيڊرل هجي يا صوبائي حڪومت سان لاڳاپيل نوڪرين جي اعلان بعد رڳو هڪ اشتهار ڏئي ٽيسٽ جي نالي تي ٽيسٽ وٺندڙ ادارا بيروزگارن کان ڪروڙين رپيا اوڳاڙين ٿا،

سوال اهو آهي ته اها رقم وڃي ڪيڏانهن ٿي ٽيسٽ وٺندڙ اداري يا حڪومت ڏانهن؟ انهن ٽيسٽ وٺندڙ ادارن کي چالان فيس مقرر ڪرڻ ۽ وصولي جي اجازت ڪير ڏئي ٿو؟ فيس طئي ڪري ٿو ڪري؟ بيروزگارن کان نوڪرين جي نالي تي اوڳاڙي بند ٿيڻ گهرجي، جيڪي اميدوار ملازمتن لاءِ ٽيسٽ يا انٽرويو ۾ ڪواليفائي نٿا ڪري سگهن انهن کي پئسا واپس ريفنڊ ڪرڻ گهرجن، سنڌ جي نوجوانن سان نا انصافي برداشت نه ڪبي، هڪ بيروزگاري ٻيو ڳريون چالان فيسون، غريبن کي اهڙي طريقي سان ڦرڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، تازو ئي ايجوڪيشن ڊپارٽيمينٽ جي نوڪرين لاءِ عوام کان چالان جي مد ۾ 100 ڪروڙ ڦٻايا ويا، ڪهڙي به ننڍي وڏي پوسٽ هجي ان تي ٽيسٽ/چالان فيس فقط 100 رپيا مقرر ڪئي وڃي.