ٽوئيٽر ٽاپ ٽرينڊ سوشل ميڊيا تي تنقيد ۽ فاطمه ڀٽو ۽ ذوالفقار ڀٽو جونيئر جو جواب

0
247

سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئيٽر تي هڪ ڀيرو وري سنڌ مان افغان پناهگيرن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ٽرينڊ هلايو ويو. هزارين ماڻهن ٽوئيٽس ڪيون ۽ سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.
پ پ (ش ڀ) جي سربراهه شهيد مير مرتضيٰءِ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو پنهنجي ٽوئيٽ ۾ افغان پناهگيرن لاءِ سرحدون کولڻ جو مطالبو ڪيو هو. هن چيو ته هڪ پاڪستاني جي حيثيت ۾ مون کي افغان پناهگيرن جون سرحد تي ڦاٿل هجڻ جون تصويرون ڏسي تمام گهڻو ڏک ٿيو اسان کي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد ڪرڻ گهرجي اهو اسان تي فرض آهي، اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ افغان سخت محنت ڪندا آهن، هو رحمدل آهن هو جتي به رهندا آهن اتي جي خوشحالي جو سبب بڻجندا آهن، ذاتي طور تي رياست کي اپيل ٿي ڪريان ته انهن لاءِ دروازا کوليا وڃن. ان باري ۾ انعم ٽالپر چيو ته عمران خان پاڪستان جي وڏن مسئلن ڪڪڙين، ماکي جي مکين ۽ ڍڳين جي کير جو حل ڪڍندو آهي پر ننڍن مسئلن مثالطور آمريڪين سان ملاقاتون، چين سان لاڳاپا، پرڏيهي سفيرن سان ملاقاتون، اهي ڪم اسٽيبشلمينٽ جي حوالي ڪيا ويا آهن. ائين افغان شهرين کي ٻاهر ڪڍڻ جو ذمو به ڪنهن تي لڳائي ڇڏي. سنڌ اسان لاءِ وطن آهي. الطاف حسين لنجو شعر شيئر ڪيو ته
پير پيا ٿَو ڦٽيا، هانءُ پيو ٿَو رَڌو،
ڪجھه ته اڳتي وَڌو،
جو هَٽيو سو ڪَٽيو، مون کي پَتو،
ڪجھه ته اڳتي وڌو.
پرڪاش ميگهواڙ افغانستان جي صورتحال بابت ٽوئيٽ ڪئي ته طالبان ملاعبدالغني برادر کي نئون افغان صدر مقررڪري ڇڏيو. طالبان سان ڳالهين بعد صدر اشرف غني استيعفا ڏيئي ڇڏي ڪابل تي طالبان جو مڪمل ڪنٽرول ٿي ويو آهي. هن به نعرو هنيو ته اسان لاءِ سنڌ وطن آهي. رخسانا هاليپوٽو چيو ته سنڌ ۾ رھندڙ پناھگيرن کي پـجاب اماڻيو وڃي. عرفان علي گوپانگ چيو ته سياستدانن کي ايتري عزت ۽ اهميت ڏيو، جيتري هو پاڻ ڏکئي وقت ۾ عزت ۽ مدد ڪن ٿا، باوقار شھري ٿيو، انهن ظالمن سياستدانن جي خوشامد ۽ چاپلوسي ڪرڻ ڇڏيو، اهي ڪنهن جا يار نہ پر دشمن اٿؤ. پارس سنڌو آصفه ڀٽو زرداري جي ٽوئيٽ جو جواب ڏيندي چيو ته پري نه وڃو سنڌ کي ڏسو ته توهان 13 سالن ۾ ڪيترا ناڪام ٿيا آهيو. آڪاش ڪورائي به مطالبو ڪيو ته افغان پناهگيرن کي واپس اماڻيو. غلام نبي سمون چيو ته افغان پناهگير سنڌ ۾ ڇو؟ پاڪستان جي حڪومت انهن کي واپس افغانستان اماڻي. نواب قدير چيو ته وڌي افغان پناهگير نه کپن. اقرا کوکر چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي ڌارين جي لوڌ آهي، وسيلا کٽي ويا آهن، غربت آهي، بيروزگاري آهي، هتي وڌيڪ ماڻهن جي ڪا گنجائش نه آهي، سنڌ دوست چيو ته افغاني سنڌ ۾ پيا اچن ۽ اها صورتحال خطرناڪ آهي ۽ اسان سنڌي ستا پيا آهيون، مهرباني ڪري سجاڳ ٿيو ۽ سنڌ کي بچايو. نديم جمالي چيو ته سنڌ کي پنهنجي سرحد ڪنٽرول ڪندڙ اٿارٽي هجڻ گهرجي ڌارين جي سنڌ ۾ جائداد خريدڻ تي مڪمل پابندي هجڻ گهرجي. مشتاق علي چيو ته پاڪستان ۽ سنڌ ۾ وڌيڪ پناهگير نه کپن. سوهڻي سنڌ جو غريب ٽوئيٽ ڪئي ته اسان کي مهمان نوازي جو سبق نه سيکاريو، اسان مهمان نوازي جا هيبتناڪ نتيجا ڀوڳي رهيا آهيون. مير سجاد سارنگ چيو ته پ پ ڄاڻي واڻي ڪراچي ۾ افغانين کي آباد ڪري رهي آهي ته جيئن کين وڌيڪ ووٽ ملي سگهن. سراج احمد مزاري چيو ته اسان کي افغان پناهگير نه کپن. اختر علي چيو ته ڪراچي ۾ افغاني سنڌين کي قتل ڪري رهيا آهن. سومرو عبدالغفار چيو ته سنڌ ڪو يتيمخانو يا پناهگير ڪيمپ نه آهي، افغان پناهگيرن کي واپس اماڻيو. پون ديو کتري چيو ته وقت اچي ويو آهي ته 40 لک افغان پناهگيرن کي نيڪالي ڏني وئي ۽ سڄي ملڪ مان کين واپس پنهنجي ملڪ اماڻيو وڃي افغان جنگ اسان و؛ٽ تباهي آندي آهي، محمد امجد چيو ته افغانين کي واپس اماڻي سنڌين جون حياتيون بچايو. جهانزيب ترڪ چيو ته سنڌي جي حيثيت ۾ ڄاڻان ٿو ته غيرقانوني پناهگيرن ملڪي معيشت کي نقصان رسايو آهي. اها اسان سنڌين کي پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ آڻڻ جي سازش آهي. نادر علي ڪانهر چيو ته اسان سنڌ ۾ هڪ به پناهگير کي نه ٿا چاهيون. حق ابڙو چيو ته افغان جنگ دوران لکين افغاني پاڪستان آيا ۽ سنڌ ۾ اچي آباد ٿي ويا، سنڌ ۾ اڄ به 25 لک افغان پناهگير آباد آهن، افغانستان سان 5 ملڪم جون سرحدون ملن ٿيون پر بار رڳو سنڌ تي ڇو آهي؟ ٿيل تنقيد جو جواب ڏيندي شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جي پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته انهن سمورن سنڌين لاءِ جيڪي چون ٿا ته اسان افغانين جي هڪڀيرو مدد ڪري چڪا آهيون وري نه ٿا ڪرڻ چاهيو، ڇا اها آهي معنيٰ مهمان نوازي جي؟ هتي جيڪو به آيو ان اسان جي زندگين کي اڳتي وڌايو سنڌ جي راڄڌاني دنيا جي سڀ کان وڌيڪ گهڻ ثقافتي شهر آهي. اسان جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مسجدون، گردوارا، مندر، سماڌيون ۽ مزارون گڏ گڏ آهن. پاڪستان جو بارڊر ان وقت بند ڪيو ويو آهي جڏهن اسان جي پاڙيسرين کي ان جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، اسان کي هڪ ڀيرو وري همدردي جو مثال قائم ڪرڻ گهرجي اهڙا موقعا زندگي ۾ هڪ ڀيرو ملندا آهن. هن چيو ته ان وقت افغانين تي انتهاپسندي پکيڙڻ جو الزام لڳائي سگهجي ٿو جڏهن هو سعودي فنڊ سان مٽياري، اڏيرولال، مٺي ۽ سنڌ حي ٻين هندو اڪثريتي علائقن ۾ وڏا مدرسا قائم ڪنا ٿا، سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي جي حيثيت ۾ مون اهي ڏٺا آهن ان جي باوجود اسان افغانين تي الزام هڻون ٿا جيڪي رڳو حياتي جو گذران چاهين ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪومت انهن علائقن ۾ اسڪول قائم نه پئي ڪري ان ڪري اتي جا ماڻهو انهن نفرت پکيڙيندڙ مدرسن ۾ ٻار اماڻڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته افغانستان ۾ افغان اهو ئي ڀوڳي رهيا آهن جيڪو اسان سنڌ ۾ پاڻ سان ٿيندي ڏسڻ نه ٿا چاهيون. اهو گڏيل مقصد آهي پوءِ توهان کي چاهي وڻي يا نه وڻي. تنقيد جي جواب ۾ فاطمه ڀٽو چيو ته پشاور جا دوست ٻڌائين ته افغانين جي آمد جا ڪهڙا وسيلا آهن، اين جي اوز جي نالن کانسواءِ ڪا ٻي شي اماڻي رهيا آهيو ته توهان لاءِ رڳو دعا ئي ڪري سگهان ٿي ته توهان ڪڏهن بي گهر نه ٿيون. ماڻهن تي ڏکيو وقت آهي ان مهل توهان جا سياسي رايا ڪنهن به ڪم جا نه آهن. ٻئي پاسي ٽوئيٽ ۾ سالو دي ٽراپ چيو ته دربدر ٿيندڙ افغانين لاءِ تعصب رکڻ وارا اھي ساڳيا ماڻھو اٿو جيڪي مغرب ۾ ايندڙ refugees کي سپورٽ ڪندا آھن. منافقت انسان ذات تي ختم آھي. اھو ڏينھن به پري ڪونھي جڏھن توھان پاڻ دربدد ھوندا ۽ ڪير توھان کي مٽڻ جو به گس ڪون ڏيندو. ايم سنڌي چيو ته مون کي سنڌ سان محبت لاءِ ڪنهن سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي.