لاڙڪاڻو: وزير اعظم جو صلاحڪار ارباب غلام رحيم انڙ هائوس پهچي ويو

0
687
ارباب غلام رحيم انڙ هائوس

لاڙڪاڻو(ن پ ا) وزير اعظم جو صلاحڪار ارباب غلام رحيم پي ٽي آءِ ۾ شرڪت ڪرائڻ لاءِ انڙ گروپ وٽ پھچي ويو، ارباب رحيم اڳوڻي صوبائي وزير حاجي الطاف حسين انڙ جي فرزند جي ڊي اي اڳواڻ عادل الطاف انڙ جي رھائشگاهه تي پھچي ساڻس ملاقات ڪئي، جتي ارباب رحيم طرفان پي ٽي آءِ ۾ شرڪت لاءِ جي ڊي اي اڳواڻ عادل الطاف انڙ کي دعوت ڏني وئي، ان حوالي سان جي ڊي اي اڳواڻ عادل الطاف انڙ جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ارباب رحيم سان پراڻا تعلقات آهن، پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي، کيس صلاح مشورو ڪرڻ بعد جواب ڏيڻ جو چيو آهي.