ٽنڊوغلام علي (ن پ ا) ٽنڊوغلام علي لڳ ڳوٺ عارب خاصخيلي مان گذرندڙ امام واھ  جي واٽر مان تري ايندڙ نامعلوم پيرسن شخص جو لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي  لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو،  جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، ان حوالي سان ڊاڪٽر گل محمد کٽي ٻڌايو ته پيرسن تي ظاھري طور ڪو به تشدد جو نشان نه آھي، لاش جا جزا وٺي  موڪليا آھن جتان رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي ته ھن جو موت ڪيئن ٿيو آھي.جڏهن ته  آخري اطلاع تائين لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.