وارھ (ن پ ا) ڳوٺ جوڻاڻي شريف ۾ چوپائي مال ۽ گهرن جي سامان جو خيال رکڻ لاءِ  ڳوٺ ۾  ترسيل پيرسن عرس کرل جو هفتو گذرڻ باوجود پتو ناهي پئجي سگهيو، وارثن وزير کرل، ضمير کرل ۽ ٻين چيو ته ٻوڏ دوران پيرسن عرس کرل کي سامان ۽ چوپائي مال جو خيال رکڻ لاءِ ڇڏي آياسين جتان غائب ٿي ويو آھي، هفتو گذرڻ باوجود سندس ڪوبه پتو ناهي پئجي سگهيو، شڪ آھي ته هو ٻڏي فوت ٿي ويو آھي.  هنن گهر ڪئي ته ريسڪيو ٽيمون موڪلي پيرسن  جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.