ٽنڊو رحيم خان (ن پ ا) ٽنڊي رحيم سميت ڪاڇي جا روڊ بحال نه ٿي سگھيا آهن. ان ڏس ۾ ڪاڇي جي چئن يونين ڪائونسلز کي ڀان سعيد آباد سان ڳنڍيندڙ ڀان ڇِني روڊ جي بحالي جو ڪم غيرمعياري ٿيڻ سبب علائقي واسين جا اهنج گهٽجي نه سگهيا. ياد رهي ته ٻوڏ دؤران ڀان ڇِني روڊ مختلف هنڌن تان لُڙهي ويو هو پنج مهينن جي عرصي بعد روڊ جي بحالي جو ڪم شروع ڪرايو ويو پر ٺيڪيدار پاران غير معياري ڪم ڪرڻ سبب روڊ بحالي جو ڪم علائقي واسين لاء فائديمند ثابت نه ٿي سگهيو ۽ اڪثر گاڏيون خراب رستي ۾ ڪلاڪن جا ڦاسي پوڻ معمول بڻجي ويو آهي. جنهن سبب ڪاڇي طرف سفر ڪندڙ ڪاڇي واسي مسافر ۽ ٽنڊو رحيم خان لڳ درگاه بهليل شاه تي لڳندڙ ميلي ۾  ايندڙ زائرين سخت ڏکيائين کي مُنهن ڏيڻ تي مجبور آهن.