خيرپور/ٽنڊومستي (نمائندن وٽان) ٽنڊومستي پوليس هڪ مهينو اڳ ڦر دوران قتل ٿي ويل نوجوان محمد اعظم خاصخيلي جي قتل ۾ ملوث ٻن مک جوابدارن محمدعلي پيرزادو ۽ رجب علي نائچ کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ٻه ٽي ٽي پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪري ورتيون. ياد رهي ته هڪ مهينو اڳ موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي نوجوان محمد اعظم خاصخيلي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو. پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدارن پنهنجي ڏوهه جو پڻ اعتراف ڪري ورتو آهي.