ڪراچي (نمائندن وٽان) ٽنڊو غلام علي ۾ بئنڪ جي اي ٽي ايم مان احساس پروگرام جا پئسا وٺڻ ويل 85 ورھين جي جندو زال محمد عرس نظاماڻي گرمي سبب ڪري بيھوش ٿي وئي، جنھن کي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽر گل محمد کٽي ٻڌايو ته پيرسن عورت دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال پھچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي وئي آهي، ٻي طرف اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ڪوٽڏيجي جي ڊگري ڪاليج ۾ هلندڙ احساس ڪفالت سينٽر تي پوليس ڇاپو هڻي 7 ڊوائيز مافيا گرفتار ڪيو، جن ۾ عدنان شاهه، وزير ٿيٻو، عادل وساڻ، خان ڪلادي، گلزار ڪلادي ۽ ٻيا شامل هئا، ٻين کي ڇڏيو ويو،ٻن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو. محبت ديرو ۾ ڪفالت سينٽر بند ھجڻ خلاف مستحق عورتن احتجاج ڪيو.ٺاروشاهه، درٻيلو، ڀريا سٽي، ڀرياروڊ ۽ ٻين علائقن ۾ڊوائيز هولڊر پوليس جي خوف کان سينٽر بند ڪري ويا. مستحق عورتن پاران احتجاج ڪيو ويو.گپچاڻي، نواب ولي محمد عثمان شاهه هڙي ۾ ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي. نوابشاهه ۾ غريب آباد جي رهواسڻ مسمات تسليم مڪراني پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئيسا نه ملڻ خلاف بُک هڙتال ڪئي وئي.