ٽنڊو الهيار ويجهو معصوم يتيم ٻارڙي سان جنسي زيادتي

0
196
ٽنڊو الهيار ويجهو معصوم يتيم نينگري سان جنسي زيادتي
ٽنڊو الهيار ويجهو معصوم يتيم نينگري سان جنسي زيادتي

ٽنڊوالهيار ويجهو معصوم يتيم ٻارڙي کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جوابدار فرار ٿي ويو

بڪيراشريف ويجھو کوکر ڳوٺ جي رھواسڻ 8 ورهين جي نينگري سان شاهد نالي جوابدار زيادتي ڪئي

زيادتي جو شڪار ٻارڙي کي سول اسپتال بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، حالت ۾ سڌارو نه آيو

پوليس نينگري سان جنسي زيادتي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي، سڄاڻ ڌرين پاران ڪاوڙ جو اظهار

نينگري جي وارثن موجب 8 ورهين جي نينگري کي سندس ماروٽ شاهد کوسو زيادتي جو نشانو بڻايو آهي، جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي

ايس ايس پي ٽنڊو الهيار ابريز علي عباسي واقعي جو نوٽيس وٺندي  جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم  ڏئي ڇڏيو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، پوليس جوابدار جي پيءُ علي احمد کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آهي