سيوهڻ جي عدالت 6 سال اڳ قتل ڪيل تانيا خاصخيلي جي خون جو محفوظ ڪيل فيصلو اڄ به نه ٻڌايو

0
233

سيوهڻ: سيوهڻ جي عدالت جهانگارا ۾ 6 سال اڳ وحشياڻي انداز ۾ قتل ڪيل نوجوان ناري تانيا خاصخيلي جي خون جو محفوظ ڪيل فيصلو اڄ به نه ٻڌايو، عدالت محفوظ ڪيل فيصلو 20 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي

 6 سال اڳ شادي کان انڪار ڪرڻ تي جوابدار خانو نوحاڻي گهر ۾ گهڙي ڪلاشن ڪوف جا برسٽ هڻي تانيا خاصخيلي کي قتل ڪيو هو

 تانيا خاصخيلي جي امڙ انصاف لاءِ اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه جي پيرن تي به ڪري پئي هئي، تانيه خاصخيلي جي امڙ فوت ٿي چڪي آهي

 شهيد ٿيل تانيه جو ڪيس سندس ڀيڻ دعا خاصخيلي وڙهي رهي آهي، دعا خاصخيلي جو چوڻ آهي ته عدالت مان انصاف جي پوري اميد آهي