ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ماءُ سان گڏ ستل ٻارڙي جو لاش واهه مان ڪيئن مليو؟

0
203
ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان

ٽنڊوغلام حيدر(ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر ڀرسان ابهم ٻارڙي پر اسرار نموني فوت ٿي وئي.

ڳوٺ عبدالرحمان جڳسي ۾ 8 مهينن جي ابهم ٻارڙي بيبي بختاور ڌي محمد اسلم خاصخيلي پر اسرار نموني فوت ٿي وئي.

نينگري ماءُ سان گڏ گهر اندر کٽ تي ننڊ پيل هئي جيڪا اچانڪ غائب ٿي وئي، ڳولا بعد معصوم نينگري جو لاش گهر ڀر سان وهندڙ واهه مان مليو.

اطلاع ملڻ تي ٽنڊو غلام حيدر پوليس پهچي لاش واٽر مان ڪڍرائي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي هيڊ ڪواٽر اسپتال تي منتقل ڪري ڇڏيو.