ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم سٽي ٿاڻي جي اهلڪارن پاران مبينا طور ننڍي عمر جي نينگر کي گرفتار ڪري تشدد ڪيو ويو، ٻئي نينگر کي به مبينا طور گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش، نينگر ڀڄي جان بچائي، متاثر نينگرن جو پوليس خلاف احتجاج . نينگر علي ميرجت پوليس خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته پوليس اهلڪارن مونکي ڪڪڙن جا ميل ڪرائيندڙ ذيشان عباسي عرف جهانجهي جي چوڻ تي گرفتار ڪري سٽي ٿاڻي ٽنڊوآدم جي هڪ پرائيويٽ ڪمري ۾ رکيو جتي مونکي ڪرنٽ هنيا ويا ۽ چيو ويو ته تون موٽرسائيڪل چوري ڪرڻ جو اقرار ڪر، هن چيو ته انهن مونسان غلط حرڪتون ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي. هن انصاف جو مطالبو ڪيو. ساڳئي پوليس خلاف الهيار ڳوٺ ٽنڊوآدم جي ٻئي نينگر درزي جو ڪم ڪندڙ منظور پاران دانهيو ته پوليس جي ايجنٽ ذيشان عباسي عرف جهانجهي پاران پوليس اهلڪارن کي مونکي گرفتار ڪرڻ لاءِ چيو مون ڀڄي پاڻ کي گرفتاري کان بچايو. هن چيو ته مونکي خطرو آهي ته جهانجهي ۽ پوليس وارا مونکي بلا جواز گرفتار ڪندا. هن اختيارين کان تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.