ميھڙ (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي خبرن جو اثر، ميھڙ ميونسپل جي ملازمن کي رهيل پگهارون ملي ويون ميھڙ جي صفائي عملي کي ٻن مهينن کان سي ايم او پگهارون جاري نه ڪري رهيو هو. ان جون ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار ۾ خبرون هليون جنهن تي ميھڙ ميونسپل ڪاميٽي جي صفائي عملي جي 2 مھينن جو رھيل پگھارون جاري ڪيون ويون ۽ انهن ملازمن جا خدشا ختم ڪيا ويا ۽ صفائي واري عملي ۾ خوشي جي لھر ڇانيل آھي ۽ ملازمن ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جا ٿورا مڃيا.