گمبٽ (ن پ ا) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو تعلقي گمبٽ جي صدر ڪاشان شيخ کي ناقص ڪارڪردگي تي هٽائي ڇڏيو، سيد لياقت شاهه پ پ تعلقي گمبٽ جو صدر مقرر،نوٽيفڪيشن جاري. ان حوالي سان پ پ تعلقي گمبٽ جي صدر سيد لياقت علي شاهه ٻڌايو ته پارٽي ڊسيپلين تحت اڳوڻي تعلقي صدر ڪاشان شيخ کي ڪارڪردگي ناقص هئڻ تي پارٽي چئرمين جي حڪم تي هٽايو ويو آهي. هوڏانهن سيد لياقت شاهه کي پيپلز پارٽي تعلقي گمبٽ جو صدر مقرر ڪرڻ تي ڪارڪنن ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي.