ٻن پاڪستاني شهرين سميت سمنڊ ۾ گم ٿي ويل آبدوز جي ڳولا ۾ اهم اڳڀرائي

0
400

ٻن پاڪستاني شهرين سميت سمنڊ ۾ گم ٿي ويل آبدوز جي ڳولا ۾ اهم اڳڀرائي، پاڻي اندر سونر سرچ دوران گم ٿيل آبدوز مان ڪجهه آواز ٻڌڻ ۾ آيا، گم ٿيل آبدوز ۾ پاڪستان جي ناليواري ڪاروباري شخصيت شهزادو دائود، سندس پٽ سليمان دائود ۽ 3 ٻيا مسافر سوار آهن

 گم ٿيل آبدوز ٽائٽينڪ جهاز جو ملبو ڏيکارڻ لاءِ آچر ڏينهن 5 مسافر کڻي سمنڊ ۾ وئي هئي، سفر شروع ٿيڻ جي پوڻن ڪلاڪن بعد آبدوز جو رابطو ڪاٽا ٿي ويو

 آمريڪي ڪوسٽ گارڊز موجب سرچ آپريشن  ۾ شامل ڪيناڊا جي جهاز پاڻيءَ اندر آبدوز جي آوازن جو پتو لڳايو آهي، آبدوز ۾ شهزادو دائود، سليمان دائود، برطانوي واپاري هميش هارڊنگ ۽ تفريحي سفر جو بندوبست ڪندڙ ڪمپني اوشين گيٽ جو سي اي او اسٽاڪٽن رش موجود آهن

 گم ٿي ويل آبدوز ۾ آڪسيجن جو ذخيرو ختم ٿيڻ وارو، آمريڪي ميڊيا موجب آبدوز ۾ موجود آڪسيجن سڀاڻي تائين ختم ٿي ويندي

هي به پڙهندا

ٽائٽينڪ جو ملبو ڏسڻ لاءِ وڃڻ بعد گم ٿي ويل پاڪستاني واپارين جي ڳولا جاري