اڪري چودڳي ويجهو پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ 2 عورتون قتل

0
321
ڪيٽي بندر ۾ بي حس ماءُ هٿان ڇرين جا وار ڪري معصوم نياڻي قتل
ڪيٽي بندر ۾ بي حس ماءُ هٿان ڇرين جا وار ڪري معصوم نياڻي قتل

اڪري چودڳي (رپورٽر) اڪري چودڳي ويجهو پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ 2عورتون قتل ٿي ويون، ڳوٺ درگاهي مگسي  ۾ ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ 2 عورتون مارجي ويون آهن

محبوب ۽ نيڪ محمد مگسي ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو،  هڪٻئي تي ڇتي فائرنگ ڪئي وئي

فائرنگ جي نتيجي ۾ مختيار خاتون ٿڏي  تي مارجي وئي، مسمات ناظمه ۽ الطاف  مگسي زخمي ٿي پيا، عورت جي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين مان 25ورهين جي ناظمه  مگسي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو

ڊي ايس پي ٺري ميرواهه، ايس ايڇ او فيض  گنج ۽ايس ايڇ او اڪري واقعي واري هنڌ پهچي ويا، هڪ ڌر جا 3 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا، نيڪ محمد مگسي ۽ محبوب  مگسي ڌرين جا هڪٻئي تي  اڳرائي ڪرڻ جا الزام هنيا ويا