ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺي شهر جي ڀٽي پاڙي ۾ ڏيڍ سالن جي رقيه ڌيءُ عبدالوحيد ڀٽي گهر اڳيان گٽر جي نالي ۾ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي، نينگري جو لاش مقامي ماڻهن ڪڍي ورتو، مڙهه گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، ٻارڙي جي وارثن ۽ شهرين جو چوڻ هو ته گٽر ناليون کليل هجڻ ڪري واقعو پيش آيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جلد شهر جي کليل گٽرن ۽ نالين کي ڍڪيو وڃي.