ڳڙهي خيرو (رپورٽ: ساگر ڀٽي) ڳڙهي خيرو ڀرسان چاچڙ ملغاڻي تڪرار جي نبيري لاءِ پوليس جو ٻنھي ڌرين جي ڳوٺن کي ھڪ ھفتي کان ڪڙو، پوليس ٻنھي ڳوٺن ٻاھران عارضي پوليس چوڪيون قائم ڪري رستا بند ڪري ڇڏيا، سوين ڳوٺاڻا قيد، علاج لاءِ مريض پريشان. خبر موجب دائو جھانپور واري علائقي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ پاران چاچڙ ۽ ملغاڻي ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار ۾ ملوث ڌرين جي ڳوٺ گلاب ملغاڻي ۽ ڳوٺ حسين بخش چاچڙ کي چوطرف ڪڙو چاڙهي عارضي پوليس چوڪيون قائم ڪيون ويون آهن، پوليس ٻنھي ڳوٺن جا اچ وڃ جا سمورا رستا مڪمل بند ڪري ڇڏيا آهن، جنھن ڪري سوين ڳوٺاڻا پنھنجي گھرن اندر قيد بڻيل آهن، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ،لغاڻي چڱي مڙس ڀائي خان ملغاڻي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته چاچڙ اسان کان پوليس ذريعي دٻاءُ وجھي فيصلو وٺڻ چاھين ٿا پر اسان پوليس جي دٻاءَ ۾ اچي فيصلو نه ڪنداسين، ھن چيو ته پھريان اسان جي ڳوٺن مان پوليس ڪڙو ختم ڪيو وڃي ۽ فيصلي لاءِ راڄوڻي ميڙ منٿ وارو طريقو اختيار ڪيو وڃي ته پوءِ ٺاھ ڪنداسين. هوڏانهن چاچڙ چڱي مڙس اصغر چاچڙ جو چوڻ آهي ته اسان ٺاهه لاءِ تيار آهيون پر ان لاءِ راڄوڻي طريقو اختيار ڪيو وڃي، پوليس دٻاءُ وجهي ٺاهه ڪرائي رهي آهي، جيڪو عمل پائيدار سرچاءُ کي جنم نه ڏيندو.