ٺاروشاهه: ساڍا 4 سئو پوليس اهلڪار ويزا تي هئڻ جو انڪشاف

0
895

ٺاروشاهه(ن پ ا) اڳوڻي ايس ايس پي نوشھرو فيروز   الطاف لغاري جي جي دور ۾ ضلعي اندر ساڍا 4 سئو کان مٿي پوليس اهلڪار ويزا تي هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

نئين ايس ايس پي عبدالقيوم پتافي ويزا تي ويل سمورن پوليس اهلڪارن کي سڏائي  ڊيوٽي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

ايس ايس پي نوشهروفيروزعبدالقيوم پتافي لائين آفيسر سلام الدين سولنگي ۽ هيڊ مهرر زاهد سابقي کي رورٽ ۽ معطل ڪري ڇڏيو

پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته سلام الدين سولنگي ۽ زاهد سابقي ويزا تي ويل اهلڪارن کان هر مهيني اوڳاڙي ڪندا هئا.