يوڪرين ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگردن سان رابطي ۾ آهيون: پاڪستاني سفارتخانو

0
260
يوڪرين ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگردن
يوڪرين ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگردن سان رابطي ۾ آهيون: پاڪستاني سفارتخانو

ڪراچي (م.ڊ) يوڪرين تي روسي حملي کانپوءِ راڄڌاني ڪيف هنگامي حالت ۾ آهي، وڏي تعداد ۾ ماڻهو شهر ڇڏي ڀڄي ويا آهن. يوڪرين جي راڄڌاني ڪيف ۾ به پاڪستانين جو وڏو انگ موجود آهي، ان حوالي سان ڪيف ۾ هڪ پاڪستاني شاگرد اويس علي خان جو چوڻ آهي ته ڪيف ۾ هزارين پاڪستاني موجود آهن، ماڻهن جو خيال آهي ته روس ڪيف تي حملو ضرور ڪندو، ان ڪري هو ڪيف ڇڏي رهيا آهن. اويس علي خان چيو ته وڏي انگ ۾ ماڻهو پنهنجي گاڏين ۾ لويف پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، لويف جو علائقو پولش بارڊر سان ڳنڍيل آهي، ماڻهن کي اميد آهي ته پولينڊ پنهنجو بارڊر کوليندو ۽ يوڪرينين کي اچڻ جي اجازت ڏيندو. هن چيو ته صبح کان پاڪستاني سفارتخاني جو فون بند آهي ۽ ڪا به امداد نه پئي ملي.

ٻئي طرف ڪيف ۾ پاڪستاني سفير ٻڌايو ته هدايتن باوجود 500 پاڪستاني شاگرد يوڪرين مان نه نڪري سگهيا آهن، يوڪرين ۾ شاگرد ۽ ٻيا پاڪستاني بهتر ڪم ڪري رهيا آهن. پاڪستاني سفير چيو ته يوڪرين جي مختلف شهرن ۾ 1000 ٻيا پاڪستاني موجود آهن، هن پاڪستاني شاگردن کي صلاح ڏني ته هو احتياط سان اولهه جي شهر ٽرنڪومالي ۾ وڃن. يوڪرين ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته يوڪرين جي فضائي حدن کي بند ڪيو ويو آهي، جن پاڪستاني شاگردن کي نه ڪڍيو ويو اهي رابطي ۾ آهن، حالتن موجب شاگردن کي ڪڍڻ لاءِ انتظام ڪيا ويندا.

ھي بھ پڙھندا

وزيراعظم عمران خان جي روس جي صدر پيوٽن سان ملاقات

https://thetimenews.tv/%d8%b4%d8%a7%d9%87%d9%87-%d9%85%d8%ad%d9%85%d9%88%d8%af-%d8%ac%d9%8a-%d8%b1%d9%88%d8%b3%d9%8a-%d9%be%d8%b1%da%8f%d9%8a%d9%87%d9%8a-%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%b1-%d8%b3%d8%a7%d9%86-%d9%85%d9%84%d8%a7%d9%82/

روس جو يوڪرين تي حملو، مختلف شهرن تي ميزائل فائر، ڪيترائي ماڻھو مارجي ويا

 

يوڪرين پاران پنج روسي جهاز ۽ هڪ هيلي ڪاپٽر ڪيرائڻ جي دعويٰ