يوٽيلٽي اسٽورز ۽ ‘رليف’ جي رڃ ۾ ڀٽڪندڙ عوام

0
57
آبپاشي عملدارن جي غفلت سبب سکر بئراج کي پهتل نقصان

دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ته عوام جي ضرورتن جو خيال رکندي انهن کي عام واهپي جي شين تي سڄو سال سبسڊي ملندي آهي پر اسان جي ملڪ ۾ صرف رمضان جي مهيني ۾ حڪومت طرفان عوام تي ‘رليف پئڪيج’ جو احسان ڪيو ويندو آهي. هر سال جيان هن ڀيري به وفاقي حڪومت طرفان رمضان المبارڪ جي مهيني لاءِ 7 ارب، 49 ڪروڙ رپين جي ‘رليف پئڪيج’ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. گذريل سال حڪومت طرفان 5 ارب رپين جي رمضان پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو هو. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي اختيارين موجب اٽي، گيهه، کنڊ، ڪوڪنگ آئل، چانورن، دالين، کجور، بيسڻ، شربت ۽ مختلف مصالحن سميت ڪجهه اسمن تي رعايت ڏني ويندي، پر ان پئڪيج کان اڳ ۾ ئي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن اها رقم منافعي سان عوام جي کيسي مان ڪڍڻ جو اهتمام ڪري ورتو آهي ۽ هن وقت به عام واهپي جون شيون مارڪيٽ کان وڌيڪ اگهه تي وڪرو ٿي رهيون آهن، خاص طور تي اٽي، کنڊ، چانورن، چڻن ۽ ٻين اسمن جا اگهه مارڪيٽ کان وڌيڪ ورتا پيا وڃن.

هونئن ته حڪومت پاڻ کي حاتم طائي ظاهر ڪرڻ لاءِ هر سال رمضان پئڪيج واري سخاوت ڪندي آهي پر ان پئڪيج جي حقيقت اها آهي ته ان مان عوام کي گهربل لاڀ ملي نه سگهندو آهي. هونئن به حڪومت جا پئڪيج اڪثر ڪري هڪ هٿ سان ڏيئي ٻئي هٿ سان واپس وٺڻ واري ڪارروائي ئي هوندا آهن. هن ڀيري به عام مارڪيٽ کان يوٽيلٽي اسٽورن تي شين جا اگهه وڌيڪ وٺڻ مان ته ايئن ئي ٿو لڳي ته رمضان پئڪيج عوام لاءِ بي لاڀ بنائڻ جو اهتمام ٿي چڪو آهي. ٻي اهم ڳالهه جيڪا ڏسڻ ۾ آئي آهي، سا اها ته جن اسمن تي يوٽيلٽي اسٽورن تي ڪو رليف يا رعايت هوندي به آهي ته کاڌ خوراڪ جا اهي اسم عام مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي ويندا آهن. واپاري يوٽيلٽي اسٽورن جي انتظاميا سان سازباز ڪري اهي اسم خريد ڪري وٺندا آهن ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تي اڪثر ڪري انهن اسمن جي کوٽ ئي هوندي آهي. ڪيترائي ڀيرا اهي خبرون رپورٽ ٿي چڪيون آهن ته يوٽيلٽي اسٽورن جو پئڪيج وارو سامان دڪانن تي وڪرو ٿيندو رهندو آهي. ماڻهو جڏهن به يوٽيلٽي اسٽورز تي خريداري لاءِ وڃن ٿا ته انهن کي رعايتي پئڪيج وارا پورا اسم نٿا ملن. ڪي شيون ملن ٿيون ته ڪجهه اسمن جي کوٽ ڏيکاري وڃي ٿي، جنهنڪري ماڻهن کي ان پئڪيج مان اعلانيل فائدو نٿو ملي. ٻي ڳالهه اها ته يوٽيلٽي اسٽورن تان خريد ڪندڙن جو تعداد به محدود آهي. آباديءَ جي اڪثريت ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن ۾ رهي ٿي ۽ انهن هنڌن تي يوٽيلٽي اسٽور نه هوندا آهن. اهي اسٽور گهڻو ڪري وڏن شهرن يا ٿورڙي تعداد ۾ ننڍن شهرن ۾ قائم ٿيل آهن. ظاهر آهي ته ٻهراڙين ۾ رهندڙ وڏي آبادي وفاقي حڪومت طرفان اعلانيل ان پئڪيج جو لاڀ حاصل نٿي ڪري سگهي. ٻيو ته جڏهن يوٽيلٽي اسٽورن تي عام مارڪيٽ کان به اگهه وڌيڪ ورتا ويندا ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته ماڻهن کي پئڪيج جي نالي ۾ رليف جي رڃ ۾ ڀٽڪايو وڃي ٿو. جڏهن اهي رليف وارا اسم بازار ۾ وڪرو ٿين ته ان جو فائدو صرف واپارين کي ٿئي ٿو، جنهن جو اهتمام يوٽيلٽي اسٽور انتظاميا جي ملي ڀڳت سان ئي ممڪن آهي.

رمضان مبارڪ جو مهينو ايندي ئي عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويندا آهن. واپاري ۽ دڪاندار سڄي سال جو نفعو عوام کان هن ئي مهيني ۾ ڪڍڻ چاهيندا آهن. دنيا جي ملڪن ۾ اهڙن مقدس مهينن، ڏهاڙن ۽ موقعن تي رليف ڏنو ويندو آهي ته جيئن گهٽ آمدنيءَ وارن ماڻهن جي به کاڌ خوراڪ جي اسمن تائين آسانيءَ سان رسائي ممڪن ٿي سگهي پر اسان جي ملڪ ۾ معاملو ئي “اور” آهي. هتي حڪومت وٽ مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ڪوبه مڪينزم ڪونهي، وڌ ۾ وڌ اهو ته ڪجهه ٽيمون جوڙي وڌيڪ اگهه وٺندڙ دڪاندارن تي ڏنڊ وڌو وڃي ٿو پر اهي دڪاندار ۽ واپاري وري تِرن جو تيل تِرن مان ڪڍي ٿا وٺن. ماڻهو يوٽيلٽي اسٽورن تي حڪومت پاران اعلانيل رعايت جو فائدو وٺڻ لاءِ وڃن ٿا ته اتي به اهي پورا اسم دستياب نه هوندا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام کي رعايت نالي ۾ نه پر حقيقي معنا ۾ ملڻ گهرجي. رليف پئڪيج جي نالي ۾ عوام مان ڪمائڻ جون اٽڪلون ترڪ ڪيون وڃن. يوٽيلٽي اسٽورن جي پئڪيج واري رعايتي اگهه جي سامان جو مارڪيٽ ۾ وڪرو بند ڪرايو وڃي ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تي جيڪڏهن سامان جي کوٽ آهي ته اها ترت پوري ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي ان رليف پئڪيج جو فائدو ملي سگهي.