ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگھ

0
42
ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگھ

اھو ھڪ تاريخي نه ته به گھٽ ۾ گھٽ اھم ڏينھن ضرور ھو. اھو ڏينھن جڏھن سنڌ اسيمبليءَ ۾ نوان چونڊيل نمائندا حلف کڻڻ ۾ مصروف ھئا ۽ ٻاھر جي ڊي اي يعني گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس نالي اتحاد جي احتجاجي سڏ تي ڪٺا ٿيل ڪارڪن پنھنجي صوبي جي سنڌي ۽ غير سنڌي پوليس ھٿان ڪٽجي، سٽجي پوليس جي گاڏين ۾ گرفتار ٿي آس پاس جي ٿاڻن ۾ سوگھا ٿي رھيا ھئا. سرِ عام پوليس تشدد جو نشانو بڻجندڙ انھن احتجاجين ۾ صرف مرد نه پر سنڌ جون اھي ناريون به شامل ھيون، جن کي ڌڪ ھڻي، ڌڪي پوليس گرفتار ڪري رھي ھئي ۽ دورِ حاضر جي جديد توڙي وائرل ٿي ويل سوشل ميڊيا تي اھي منظر “سنڌ ڏسندي رھي” ۽ صرف سنڌ ڇو؟ ھاڻي ته نيوز نيٽ ورڪ عالمي بڻجي چڪو آھي.

                 ھيءَ دنيا ڀلي شيڪسپيئر جي اسٽيج ھجي پر اسان جا روڊ رستا ۽ اھم عمارتن جا آڳر اھي اسٽيجون ضرور آھن، جن تي ھر ڏينھن پرتشدد تماشا ٿيڻ ھڪ عام ڳالھ ٿي وئي آھي. ھن جڳ ۽ خاص طور تي ھن ملڪ جي ھن شھر ڪراچيءَ ۾ جڏھن ماڻھن جي اک اخبار ۽ چانھن جي ڪوپ کان سواءِ نه کلندي ھئي، ان وقت جي دوران ڪي اھڙا نفيس انسان به ھئا، جيڪي اخبارن ۾ انھن خبرن کي پڙھڻ کان پري ڀڄندا ھئا، جن ۾ چيڀاٽيل ۽ چچريل لاشن جو تصويرون ۽ تشدد آميز انداز سان قتل ٿي ويل انسانن جي خبرن جا تفصيل ھوندا ھئا. چون ٿا ته پرنٽ ميڊيا پنھنجو وارو وڄائي ڊجيٽل ميڊيا جي دور ۾ داخل ٿي آھي پر اسان جو ملڪ، معاشرو ۽ خاص طور تي صوبي جو دارالحڪومت جيڪو ڪروڙن انسانن کي ڪنھن وڏي اتفاق واري احتياط سان سنڀالي ٿو، ان شھر ۾ اڄ به نه صرف سوڙھين گھٽين پر ويڪرن روڊن ۽ رستن تي به زندگي محفوظ ناھي ۽ ڪوئي ٻار، ڪوئي ٻڍو نه ته عام طور تي ڪو نه ڪو نوجوان موت جو کاڄ بڻجي وڃي ٿو. پوليس انھن جي بروقت مدد نه ڪرڻ جي سلسلي ۾ بين الاقوامي مثال به پيش ڪري ٿي پر ھڪ صوبي جي اسيمبليءَ آڏو، اھو به ان جي ھڪ نئين مدي جي افتتاحي ڏينھن جي موقعي تي پنھنجي ھم وطن ۽ ھم زبان انسانن سان اھڙو پرتشدد سلوڪ اختيار ڪرڻ ۽ ان تي بعد ۾ افسوس جو اظھار به نه ڪرڻ واري روايت ڀلي ڪرشن چندر جي ڪھاڻين جي مجموعي جو نالو “ھم وحشي ھين” نه ورجائي، تڏھن به ان تي لاحاصل نتيجن وارو افسوس ته ڪري سگھي ٿي.

ان ڏينھن پاڪستان جو ٺھراءُ پيش ڪرڻ واري ملڪ جي پھرين اسيمبليءَ ۾ اھو اجلاس اڃان ڀرپور اندز سان ٿئي ھا پر ڪجھ رپورٽن مطابق ھڪ ته ان ڏينھن جي ڊي اي (GDA)، پي ٽي آءِ (PTI) ۽ جماعت اسلاميءَ جي ميمبرن پاران اصولي طور تي حلف کڻڻ واري تقريب جو بائيڪاٽ ڪيو ويو ھو، ان ڪري انھن جا ميمبر ايوان اندر ھجڻ بدارن ٻاھر بيٺا ھئا، جڏھن ته سرڪاري سيٽن تي ويھڻ وارا ڪجھ ايم پي ايز ان ڏينھن ايوان ۾ ان ڪري به موجود نه ھئا، ڇو ته ھو ڪار ريليءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويل ھئا. ھونءَ به ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ حلف کڻڻ ۾ تڪڙ جو مظاھرو ڪرڻ ڪو ضروري ته ناھي. ڇو ته ھيءَ سنڌ آھي. ھي پنجاب ناھي، جنھن ۾ جبري طور تي آزاد اميدوارن طور کٽيل ميمبرن کي اھو کٽڪو ھو ته جيڪڏھن ھو پنجاب اسيمبليءَ جي پھرين اجلاس ۾ حلف کڻڻ کان رھجي ويا ته پوءِ شايد پي ٽي آءِ سان واسطو ھجڻ واري پاپ سبب ھو گھڻي وقت تائين اليڪشن ڪميشن، اليڪشن ٽربيونلز ۽ عدالتن جو چڪر نه ھڻندا وتن. ان ڪري انھن جو ان ڏينھن لاھور جي اھم عمارت ۾ ھجڻ لازمي ھو، جتي پنجاب جي پھرين خاتون وزير اعليٰ پنھنجي مھانگي سوٽ ۾ ملبوس، مسرت جي مورت جيان نظر اچي رھي ھئي. جڏھن ته ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي جو احتجاجي شور حلف کڻڻ واري ڏينھن تي پنجاب اسيمبليءَ ۾ پنھنجي ان احتجاجي گوڙ جي نمائندگي ڪري رھيو ھو، جنھن ۾ ھڪ صدا ان قيدي نمبر 804 جي لاءِ ٺھيل نئين نغمي جي به ھئي. اھو قيدي، جيڪو مشھور روسي فلم “ڊاڪٽر زواگو” ۾ ريل ذريعي سفر ڪندڙ ان قيديءَ جيان دعوا ڪرڻ جو حق رکي ٿو، جيڪو پنھنجي ويڻين ۾ پيل ھٿڪڙين کي کڙڪائي ۽ پوءِ باقي مسافرن آڏو ھٿن کي لھرائي چوي ٿو ته، “آئون ھن ريل ۾ موجود اڪيلو آزاد انسان آھيان“.

خيبر پختونخوا ۾ ھڪ ته موسم سبب قدرتي برف ڳري رھي آھي ۽ ٻيو ته ملڪ ۾ آيل يا آندل تبديليءَ سبب سياسي برف به ڳرڻ جا اطلاع عام جام آھن پر پٿرن ۽ پھاڙن واري ان صوبي جو گورنر پنھنجي ڪنھن ذاتي ڪم سان شھر کان ٻاھر ويل ٻڌايو وڃي ٿو، ان ڪري ھن مھل تائين نه ته اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيو آھي ۽ نه وري اھو پتو پئجي سگھيو آھي ته پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏيندڙ پٺاڻن کي کٽيل سيٽون ڪڏھن ۽ ڪيئن ملنديون؟ جڏھن ته ڪپتان جو ساٿ ڏيندڙ پنجاب واسين کي ھاڻي عورتن جي خاص سيٽين جو فڪر ورائي ويو آھي. باقي اطلاعن توڙي جائزن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن کي جيڪڏھن ڪنھن سلسلي ۾ تمام گھڻي تڪڙ آھي ته اھا صرف پي ٽي آءِ جي موجود ان شخص کي ايوانِ صدر مان ٻاھر آڻڻ جي، جنھن جي باري ۾ ھن مھل تائين اھو خدشو ختم نه ٿيو آھي ته ھو ويندي ويندي پنھنجي قيدي قائد جي احسانن کي ڪنھن عجيب غريب اعلان سان لاھڻ جي ڪوشش ڪندي وري ان ملڪ جي ڳچيءَ ۾ ڪو نئون سياسي ۽ قانوني ڏچو وجھي، جيڪو ھن وقت اڪيچار الجھنن ۾ ڦاٿل ملڪ طور سڃاتو وڃي ٿو. جنھن جي ھن وقت وڏي ۾ وڏي پريشاني آءِ ايم ايف جي اھا متوقع قسط آھي، جنھن جي آڏو قيدي خان پنھنجي ھڪ عدد خط جي رڪاوٽ وجھڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي ۽ چوڻ وارا چون ٿا ته اھا رڪاوٽ دراصل ھو پنھنجي آزاديءَ جي راھ ۾ وجھي ٿو. ڇو ته نئين سياسي سيٽ اپ ۾ اھو به ممڪن ھو ته تحريڪ انصاف جي بانيءَ کي اڍيالا جيل مان ڪڍي بني گالا ۾ رکي ان وسيع ۽ عريض فارم ھائوس جھڙي گھر کي جيل جو درجو ڏنو وڃي. جڏھن ته عمران خان جي سياسي ۽ ذاتي نبض شناس ھن مھل تائين ان ضد تي قائم دائم آھن ته عمران ڪڏھن به ڪجھ وقت لاءِ پنھنجي نون مھينن جي مشڪل قيد جو ڪريڊٽ ختم نه ڪندو ۽ ھو ھڪ سياسي فاتح وانگر جيل مان آزاد ٿيندو. ھونءَ به جيل سياسي قيدين جي چمڪ دمڪ کي وڌائڻ جو سبب رھيو آھي. عمران خان سخت حالتن جو ھيراڪ انسان آھي ۽ ممڪن آھي ته جيل کي پنھنجي سياسي جم (Political Gym) سمجھي.

ھونءَ ته پاڪستان جي حوالي سان سياسي اڳواڻ ڪنھن نه ڪنھن دور ۾ جيلن جو سينگار رھيا آھن پر تحريڪ انصاف جو قائد پنھنجو قيد ائين ڪاٽڻ نه ٿو چاھي، جيئن ھن جي سڀ کان وڏي مخالف ميان نواز شريف ڪاٽيو. جڏھن ته پاڪستان ۾ ھن مھل سڀ کان وڌيڪ جيل ۾ رھڻ جو اعزاز حاصل ڪرڻ وارو آصف زرداري ۽ ھن جا وڌندڙ حامي ڪجھ به چون پر جنھن جيل جي اميج کي عالمي ميڊيا پي ٽي آءِ جي قائد لاءِ پيش ڪري رھي آھي، اھڙو ھڪ اڌ ٻول به ڪنھن پاڪستاني منڊيلا جي حصي ۾ ھن مھل تائين نه آيو آھي.

پاڪستان جي تاريخ جو عجيب انداز سان ورھايل مئنڊيٽ جنھن لڙڪيل ايوان (Hung Parliament)  کي پيدا ڪرڻ جو باعث بڻيو آھي، ان مان ماڻھن کي معاشرتي راحت يعني معاشي رليف جي ڪا اميد ته ھن مھل به ناھي پر اھو ضرور آھي ته جيڪو تماشو ايوانن ۾ ھن ڀيري ٿيندو، اھو اڳ ۾ گھٽ ڏٺل چيو وڃڻ جا امڪان وڌندا وڃن ٿا. عوام کي ته قومي اسيمبليءَ جي کٽيل ۽ کٽرايل ميمبرن پاران حلف کڻائڻ کان اڳ ۾ ئي ماڻھن جي مٿان مھانگائي جو بار وڌائڻ جا امڪاني اعلان پوري تياريءَ جي پوئين مرحلي ۾ آھن پر سوال اھو آھي ته ڇا مبينا طور تي ڪروڙين ووٽ حاصل ڪندڙ ميمبر ڪي عوام مان ڪي داڻا ڪڻا به ڪڍي ڏيکارڻ جي پوزيشن ۾ آھن، جن کي اھا اميد ھجي ته ھو ڪجھ اھڙو مثبت ڪندا، جيڪو ماضيءَ ۾ نه ٿيو ھجي!؟

ملڪ جا سياسي اڪابرين ته پنھنجا مھانگا تجزيا مھانگن پگھارن ۽ ڊالر ڪمائڻ وارن يوٽيوب چينلن تي ڪندا پر ھلندي، گھمندي ۽ زندگيءَ جا جام ڪم ڪندي عام ماڻھو اڄ به اھا راءِ ڏيڻ ۾ ڪنھن قسم جي سستي ۽ ڪنھن طرح جو سمجھوتو نه ٿا ڪن ته انھن نقلي ۽ خالي ڏيئن مان ڪنھن روشنيءَ جي اميد رکڻ عبث آھي. ملڪ جا عام توڙي خاص ماڻھو پاڻ ۾ تمام گھڻن اشوز تي سوچ جو تفاوت رکڻ جي باجود ٻن معاملن تي مڪمل اتفاق ڪن ٿا ته تمام گھڻي تڪليف ۽ تڪلف سان وجود ۾ آندل انھن اسيمبلين جي مقدر ۾ پنھنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ جي حسرت ته ٿي سگھي پر طاقت ھرگز نه! جڏھن ته پنھنجي سياسي ۽ خاص طور تي پارلياماني ڪارڪردگيءَ سبب عوام ۾ پنھنجي پراڻي اميج مٿان نئون رنگ روغن ڪرڻ جي اميد کان وانجھيل انھن نمائندن جي سلسلي ۾ عام راءِ اھا به آھي ته ھي اھڙا لاٽون آھن، جن جي ڏور واڳ ڌڻين جي ھٿن ۾ آھي ۽ انھن کان ساڳين چگھن جي توقع آھي، جن ۾ انھن جي ماضيءَ واري مھارت رھي آھي.

پاڪستان جو پارلياماني پڃرو سياسي پاپن سبب چوٽيءَ تائين چور ٿي ويو آھي. ملڪ ۾ ھڪ نئين دور ۾ داخل ٿيندو يا نه ٿيندو؟ جي ٿيندو ته ڪڏھن ٿيندو ۽ جي نه ٿيندو ته ڇا ٿيندو؟ اھو سوال سڀ کان اھم ھوندي به ھن مھل تائين پنھنجي ان جواب سان ھم آغوش نه ٿي سگھيو آھي، جنھن جي لاءِ ان سوال جو جنم ٿيو آھي. باقي صوبائي حڪومتن جي حوالي سان جھڙي طرح پاڻ پختونخوا جي سلسلي ۾ اھو چئي سگھون ته “معلوم ناھي ته اتي ڇا ٿيندو؟” ساڳي طرح سان بلوچستان جي باري ۾ عام سوچ اھا آھي ته اتي گذري ويل چونڊن جي نتيجي ۾ ايندڙ صوبائي گورنمينٽ ۽ بلوچستان جا مسئلا ھڪ ٻئي جي ويجھو اچڻ ۾ اھائي مشڪل محسوس ڪن، جيڪا ماضيءَ ۾ بلوچستان جي سڃاڻ رھي آھي. باقي پنجاب جي سلسلي ۾ ان اميد کي رد ڪري نه ٿو سگھجي ته ھڪ طرف پنھنجي خاندان جي وڃائجي ويل عوامي حمايت ۽ ٻئي طرف پنھنجي سياسي ڪيريئر جي ڪاميابيءَ لاءِ مريم نواز مثالي سي ايم ٿيڻ جي ڪوشش ۾ ڪرپشن کي گھٽائڻ ۽ ترقياتي ڪمن کي وڌائڻ جي لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري به سگھي ٿي. پر سنڌ ۾ پراڻن چھرن واري نئين سرڪار “ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگھ” جو نئون مثال ۽ ثبوت پيش ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ڪري سگھندي!؟