وياج خوري جو خاتمو، خوشحال سنڌ جو خواب ۽ پير پاڳارو!

0
226
وياج خوري جو خاتمو، خوشحال سنڌ جو خواب ۽ پير پاڳارو!

   هن وقت جيڪڏهن ڏسجي ته وياج خوري هاڻي مڪمل طور تي ڪاروبار commercial business جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، هن وقت وڏن وڏن وياج خورن پرائيويٽ بئنڪون قائم ڪري ڇڏيون آهن. اهڙين حالتن ۾ حرجماعت اندر وياج خورن جو راڄ قائم ٿيل آهي، هنن جو مضبوط نيٽ ورڪ جڙيل آهي. اهو وياج خور طبقو گذريل چاليهن سالن کان جماعتي سرشتي ۾ مانارا ٺاهي ويٺل آهي. اهو هر سطح تي تنظيمي، سياسي، سماجي ۽ معاشي طور تي اثرانداز ٿيندڙ وياج خورن جو هڪڙو منظم ۽ مضبوط طبقو آهي، اهو هاڻي ته سرمائيڪارن جو گروهه بڻجي چڪو آهي، جنهن جا گروهي ۽ انفرادي مفاد به ساڳيا هئڻ ڪري اهي ڪل وقتي هڪٻئي جا ٻانهن ٻيلي به هوندا آهن، مٺي، عمرڪوٽ، سانگهڙ، خيرپور، سکر، گهوٽڪي ۽ رحيم يار خان ضلعن ۾ وياج خورن جون سالن کان آماجگاهون قائم ڪيل آهن.

                 ملڪيتن ۽ زمينن جي تڪرارن، رشتن جي مامرن ۽ جهيڙن ۾ وياج خور طبقي جي شموليت ۽ اثراندازي اڻ ٽر هوندي آهي، وياج خور طبقو هاڻي ”ڪاروباري سيٺئي“ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، جيڪو وڏي رٿابندي تحت عام ماڻهو جي مال مڏي، وسيلن، زمينن ۽ ملڪيتن کي پنهنجي گوڏن هيٺ ڏئي خوشحالي جي خوابن کي چڪنا چور ڪريو ٿا ڇڏين، ۽ اهو طبقو عام خلقت کي مٿي اسرڻ واري سگهه کان محروم ڪندڙ طبقو آهي! اهو طبقو رڳو ٻنيون، گهر، دڪان، پينشنون، پگهار ۽ پگهر جو پورهيو ئي نه ٿو کائي، مسڪين ماڻهن جي خوابن جو قتل ٿو ڪري!

ايستائين جو سياست ۾ به اهي پنهنجي خصيص مفادن جي حاصلات لاءِ هر سطحي تي ڳڙٻڙ ڪندا آهن، تازو بلدياتي چونڊن ۾ گهڻي ڀاڱي اميدوارن کي بيهارڻ ۽ هٿ کڻائڻ ۾ به اهو طبقو پيش پيش رهيو آهي. سياسي اقتدار جو وڏي ۾ وڏو مراعات يافته beneficiary طبقو اهو ئي هوندو آهي، ٺيڪن،نوڪرين ۽ مقررين بدلين ۾ تاحيات حصيدار رهندڙ وياج خور طبقي جا ڪيئي مثال ڏيئي سگهجن ٿا.

وياج خورن جي مٺ ۾ ”معاشي سگهه“ هئڻ سبب سندن ”اڀري، ڪسي ۽ ڪمزور راءِ“ کي مختلف فورمن تي اهميت هجي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ”ڪاري ۽ اڇي جي مالڪي“ وارو اختيار عام ماڻهو کي ڊگهي عتاب ۽ عذاب جي اذيتناڪ اونداهي ۾ قيد رکندو پيو اچي!

اسان جي سماج ۾ هونئن ئي عام ماڻهن ۾ وياج وٺڻ جو رجحان تيزي سان وڌي رهيو آهي، تنهنڪري عام ماڻهو انفرادي وياج خورن ۽ بئنڪن جي قرضن ۾ ٻڏل آهي. اهو سلسلو اڳتي وڌڻ ۽ ترقي واري عمل ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي.

سيد محمد راشد شاهه راشدي گذريل سترنهن سالن کان وياج خوري خلاف منظم ”مهم جوئي“ جو خيال رکي ٿو، ان سلسلي ۾ پاڻ 2004ع ۾ مون سان رابطو ڪيو هو ته وياج خوري جهڙي لعنت خلاف ڪتاب شايع ڪجي ۽ ان ڪتاب ۾ وياج خورن جا نالا به لکجن ته جيئن جماعت ۾ وياج خوري جو خاتمو آڻي سگهجي.

وياج خورن جي جڙيل نيٽ ورڪ جي ڄار مان نجات حاصل ڪرڻ بغير اولاد کي بهتر تعليم سان آراسته ڪرڻ وارو اسان جو خوبصورت خواب ساڀيان ڪيئن ٿي سگهندو!؟ ڇاڪاڻ ته انهي نيٽ ورڪ جي connectivity عام جماعتي کي آجو نه ٿي ڇڏي.

جمعيت العلماءِ سڪندريه، پير جو ڳوٺ عالمن ۽ حافظن جي منظم تنظيم آهي، کيس التجا ڪري سگهجي ٿي ته حرجماعت مان وياج خوري جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن.درگاهي نظام جي مقرر مکن ۽ خليفن پاران الله پاڪ ۽ ان جي محبوب جي دشمن وياج خورن کي اسپيس ڏيڻ بدران نظرانداز ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن خلاف درگاهي نظام تحت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. سڀ کان پهرين، وياج خوري جي خاتمي لاءِ انهن کي لکت ۾ وارننگ ڏجي، ٻئي قدم تي انهن سان لکت ۾ سماجي جماعتي تعلق ختم ڪجي ۽ ٽئين ۽ آخري قدم تي جماعتي نظام کان ڌار ڪجي،  اهو اشاعت ۾ اچڻ گهرجي ۽ سوشل ميڊيا تي ڏجي. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ بعد ڀلا ڪيترو نقصان ٿيندو!؟ ڇا اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ڏکيو يا ناممڪن آهي!؟ جنهن جي لاءِ سڀ کان پهرين حضرت پير سائين پاڳاري کان اجازت وٺجي ۽ نتيجن کان کيس آگاهه ڪجي.

تازو پير سائين پاڳاري پاران بار بار اظهار ڪرڻ کانپوءِ اکيون ٻوٽي ويهي رهڻ بدران وياج خور طبقي کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ سندن هدايت تي عمل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جو آغاز ڪرڻ گهرجي، جنهن جي نتيجي ۾ حرجماعت معاشي ڏيوالپڻي، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي باهه جو درياءَ پار ڪري خوشحالي جي دنيا ۾ پير پائي سگهي ٿي! ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته حرجماعت جي وياج خور طبقي ۾ شامل ماڻهن جا نالا لکجن، متاثر حرجماعت جا فقير پنهنجي روئيداد بيان ڪن ۽ انهن وياج خورن کان نجات لاءِ منظم مهم هلائجي.

پير سائين پاڳاري پاران ڪيل خطاب بعد اها همٿ پيدا ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي جو انهن وياج خورن جي مربوط نيٽ ورڪ کي ٽوڙڻ لاءِ ڪا سنجيده ۽ نتيجه خيز ڪوشش ڪجي۔!؟(پورو ٿيو)

[email protected]