اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ووٽر لسٽن کي ڊسپلي سينٽرن  ۾ اعتراضن لاءِ لڳائڻ جي مدت  ۾ واڌ ڪري 29 کان 30 جون ڪري ڇڏي آهي، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان تصديق ڪندي چيو آهي ته ڊسپلي سينٽرن تي غير حتمي ووٽر لسٽون عوام جي جائزي لاءِ شايع ڪيون ويون آهن، ووٽ جي درستگي يا غلط ووٽ خارج ڪرائڻ لاءِ شهري پنهنجي ويجهي ڊسپلي سينٽر تي وڃن.