اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جي ڊي اي جي ميمبر ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جو شديد بحران آهي، سنڌ ۾ سخت گرمي آهي، سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي اهو قيامت کان گهٽ ناهي، سکر بيراج وٽان ڪوٽڙي بيراج لاءِ 16 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو، 10 هزار ڪيوسڪ پهچي ٿو، 6 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڪيڏانهن وڃي ٿو، پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي،  جنهن تي پاڻي مامرن جي وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه چيو ته ڪوٽڙي بيراج وٽ هن وقت پاڻي 10 هزار ڪيوسڪ آهي، تونسا کان گڊو تائين 30 هزار ڪيوسڪ پاڻي گم ٿئي ٿو پر سکر کان ڪوٽڙي تائين مفاصلي ۾ لاسز ۾ 6 هزار ڪيوسڪ پاڻي لڳي ٿو، خوشي جي ڳالهه آهي ته ڪالهه کان برساتون ٿيون آهن ان سان پاڻي جي آمد ۾ بهتري ايندي، هنن ڏينهن ۾ ماضي ۾ ڪابل اندر پاڻي 60 کان 70 هزار ڪيوسڪ هوندو هو، اڄ اهو 20 کان 21 هزار ڪيوسڪ آهي، هن چيو ته سنڌ جي آبپاشي وزير سان ڳالهائيندس ته پهريان پڇڙي ۾ پاڻي ڏيو، ڇو ته اتي رڳو ڊاڪٽر فهميده مرزا نه ٿي رهي، پاڻي نه ملڻ تي هو سال به برداشت ڪري سگهي ٿي پر غريب ماڻهو پاڻي کوٽ برداشت نه ٿا ڪري سگهن.