وفاق سنڌ جِي خدمت جي ڪوشش ڪندو آهي ته سنڌ حڪومت رنڊڪون وجهندي آهي: اسد عمر

0
371

سکر (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته وفاق سنڌ جِي خدمت جي ڪوشش ڪندو آهي ته سنڌ حڪومت رنڊڪون وجهندي آهي، سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ سنڌ جا اڪثر علائقا گئس جي سهولت کان محروم آهن، سکر- حيدرآباد موٽر وي جلد تعمير ٿي ويندي، بجلي ۽ گئس جي فراهمي ۾ بهتري وارو منصوبو ايندڙ 2 سالن ۾ مڪمل ٿيندو، سکر ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ ۾ تبديلي آڻي ڏيکاريندي.