پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا 4 ڪلاڪ بند رهڻ بعد بحال

0
452

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) حڪومت پاران ملڪ سوشل ميڊيا تي عارضي لڳال پابندي ختم ڪئي وئي آهي، حڪومت طرفان پي ٽي اي کي سوشل ميڊيا سائٽس ڪجهه ڪلاڪن لاءِ بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، فيس بڪ، واٽس ايپ، يوٽيوب، ٽوئٽر، ٽيلي گرام، ٽڪ ٽاڪ سروس ڪجهه دير لاءِ معطل رهڻ بعد بحال ٿي وئي آهي، سوشل ميڊيا سائٽس چار ڪلاڪن بعد بحال ٿي ويون. سوشل ميڊيا سائٽس کي بند ڪرڻ جو مقصد ملڪ دشمن عنصر نيٽ ورڪ کي ٽوڙڻ هو.