وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي تحريڪ انصاف کي ڌمڪي

0
211
وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله
وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي تحريڪ انصاف کي ڌمڪي

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ کي ڌمڪي ڏني آهي ته اسلام آباد ۾ چڙهائي لاءِ ايندڙ جٿي کي اهڙو انجام ڏيکارينداسين جو اڳتي ڪير به ائين نه سوچيندو
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران راڻا ثناءُ الله چيو ته فيصلو ڪيو اٿئون ته هاڻي خراب ماڻهو کي گهر تائين ڇڏي اچڻ گهرجي، جيڪو به ڪردار فتنو ڪندو، اُن جي ڪوڙ جو ٿڏي تي جواب ڏنو ويندو
هن چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته پنهنجي ماڻهن کي اگهاڙو ڪرڻ پويان عمران خان جي ڪهڙي حڪمت عملي آهي، اعظم سواتي ۽ عمران خان غير ذميواري ڪندي هڪ اداري جي ٻن معزز آفيسرز جا نالا کنيا
هن چيو ته اعظم سواتي جي الزامن بعد ايف آءِ جي ڇاپو هڻندڙ ٽيم کان وضاحت گهري، ٽيم ٻڌايو ته اعظم سواتي کي ڪنهن ٻئي جي حوالي نه ڪيو هو

ھي به پڙھندا

فوج سميت ڪو به ادارو تنقيد ۽ الزامن تي پنھنجو موقف پيش ڪري سگھي ٿو: گھرو وزير

حقيقي آزادي لانگ مارچ: عمران خان جو خطاب

تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ: ڪارڪن ۽ اڳواڻ گڏ ٿيڻ شروع