جهلم (م ڊ) حڪومت جو نئين نيب چيئرمين جي مقرري تي شهباز شريف سان مشاورت نه ڪرڻ جو فيصلو، وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف سادي اڪثريت سان حڪومت ٺاهيندي. جهلم ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي وکري ويون آهن، انهن وٽ ٽيڪٽ وٺڻ لاءِ به ماڻهو ناهن، ايندڙ اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان حڪومت ٺاهيندي. فواد چوڌري چيو ته نيب شهباز شريف کي جوابدار ڊڪليئر ڪيو آهي، تنهن ڪري اهو طئي آهي ته نئين نيب چيئرمين لاءِ شهباز شريف سان مشاورت نه ڪنداسين، ڇو ته اهو ائين هوندو ته جوابدار کان پڇا ڪجي ته ان خلاف جاچ ڪير ڪري؟ قانون وارو وزير ۽ اٽارني جنرل ان تي ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو حل آڻيندا ان تي عمل ڪنداسين. هن چيو ته نواز شريف جهڙن سياستدانن کي پنهنجي ذات کان اڳتي ڪجهه نظر ناهي ايندو، نواز شريف ۽ اشرف غني ڊالر ٻاهر کڻي ويا، اڄ ٻئي هڪجهڙي زندگي گذاري رهيا آهن. فواد چوڌري چيو ته اسان جو ڪنهن سان ذاتي جهيڙو ناهي، اليڪشن ڪميشن سان معاملا بهتر ٿي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان جي ڪوششن سان سمورا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين.