وفاقي حڪوت ڊي جي ايف آءِ اي کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

0
248
وفاقي حڪوت ڊي جي ايف آءِ

وفاقي حڪومت بيورو ڪريسي ۾ اعليٰ سطح تي تبديليون ڪندي ڊي جي ايف آءِ اي کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي

ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ڊي جي ايف آءِ اي راءِ طاهر کي عهدي تان هٽائي سندس جاءِ تي محسن بٽ کي نئون ڊي جي ايف آءِ اي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي

ذريعن ٻڌايو ته محسن بٽ پوليس سروس جو گريڊ 22  جو آفيسر آهي، راءِ طاهر کي اينٽي دهشتگردي سيل جو نيشنل ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو آهي

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت آءِ جي پنجاب رائو سردار علي کي هٽائيندي سندس جاءِ تي فيصل شاهڪار کي مقرر ڪيو هو