مقتول بلال ڪاڪا ۽ سندس دوست تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست

0
271
مقتول بلال ڪاڪا ۽ سندس

حيدرآباد ۾ هوٽل مالڪ هٿان قتل ٿيل بلال ڪاڪا ۽ سندس دوستن تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پوليس کي لکت ۾ درخواست ڏني وئي آهي

سپر سلاطين هوٽل جي مزدور ملا جان ايس ايس پي حيدرآباد جي شڪايتي سيل ۾ درخواست ڏني، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بلال ڪاڪا، سندس دوست جاني سنجراڻي ۽ ٻيا هوٽل تي ماني کائڻ بعد بل نه ڏيندا هئا

درخواست جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واقعي واري ڏينهن بلال ڪاڪا پنهنجي ٽن چئن اڻڄاتل دوستن سميت ماني کائڻ آيو، ماني جو بل ادا نه ڪرڻ تان منهن ماري بعد بلال ڪاڪا وارن پستول سان هوائي فائرنگ ڪئي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هوٽل مالڪ شهسوار پٺاڻ ۽ سندس پٽن کي سيخون هڻي زخمي ڪيو ويو، پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري

واضح رهي ته بلال ڪاڪا جي قتل الزام ۾ هوٽل مالڪ شهسوار پٺاڻ گرفتار آهي

ھي به پڙھندا

بلال ڪاڪا قتل ڪيس ۾ ڇا ٿيو؟ جاچ رپورٽ ايس ايس پي حوالي