وزيراعظم ڪنفيوز ناهي، يقين ڪريو عمران خان رستن تي آيو ته واقعي به وڏو خطرناڪ هوندو:شيخ رشيد

0
497
وزيراعظم ٻئي ڪنهن

راولپنڊي: وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آھي ته وزيراعظم ٻئي ڪنهن کي نه، رڳو اپوزيشن کي پيغام ڏنو هو، عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ تمام سٺا لاڳاپا آهن، بي عقل اپوزيشن کي خبر پوندي ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ ئي لائين ۾ آهن

وفاقي گھرو وزير  شيخ رشيد ميڊيا سان ڳالھائيندي وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ڪنفيوز ناهي، يقين ڪريو عمران خان رستن تي آيو ته واقعي به وڏو خطرناڪ هوندو،پي ڊي ايم سربراھھ فضل الرحمان وزيراعظم لاءِ غير ذميواراڻو بيان ڏنو

ھن چيو ته پي ڊي ايم 23 مارچ تي اچڻ جو شوق ڀلي پورو ڪري، کين سياسي ناڪامي ملندي ۽ خوار ٿي واپس هليا ويندا، ٽرئڪٽر ٽرالي ۾ به ڪو خاص عوام ناهي نڪتو، وزيراعظم ملڪ کي بھتري طرف وٺي وڃي رھيو آھي

ھي به پڙھندا

عثمان بزدار خلاف وڏي مهم هلائي وئي، پر سروي ۾ عثمان بزدار ڪامياب ترين وڏو وزير بڻجي ويو: وزيراعظم