اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان ۽ هم خيال اڳواڻن عوام پاڪستان پارٽي نالي نئين سياسي جماعت قائم ڪري ورتي

0
118

نئين پارٽيءَ جو بنياد رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي شاهد خاقان چيو ته سڄو ملڪ تڪليف ۾ آهي پر حڪمرانن کي ڪا به پرواهه نه آهي، جيڪو ملڪ کير تي به ٽيڪس لڳائي اهو ايندڙ سال ڇا ڪندو؟ ملڪ ۾ مهانگائي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي ۽ عوام سخت پريشان آهي، اسان ملڪ ۽ عوام کي بحرانن مان ڪڍڻ چاهيون ٿا

مفتاح اسماعيل چيو ته ڇا هي ملڪ ايسٽ انڊيا ڪمپني هلائي رهي آهي، وچولي طبقي کي ماريو پيو وڃي، پاڪستان جو نظام رڳو مٿئين طبقي جي لاءِ آهي، ظالماڻو نظام شڪاري بڻجي چڪو آهي ۽ ان جو شڪار هڪ عام پاڪستاني آهي، هي پاڪستان هاڻي اسان کي منظور نه آهي، تقريب کي مهتاب عباسي ۽ ٻين به خطاب ڪيو