ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) دنيا جي نمبر ون نواڪ جوڪووچ شڪست کانپوءِ مونٽي ڪارلو ٽينس ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي. فرانس ۾ کيڏيل ٽيسن ٽورنامينٽ جي ميچ ۾ جوڪووچ جو مقابلو برطانيا جي ڊان ايوان سان ٿيو، جوڪووچ شروعات کان ئي سٺي راند پيش نه ڪري سگهيو، جڏهن ته ايوان بهترين راند پيش ڪئي ۽ ورلڊ نمبر ون رانديگر کي ايونٽ مان آئوٽ ڪري ڇڏيو، هن جوڪووچ کي ڇهه چار ۽ ست پنج تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. ٻئي پاسي رافيل نڊال گريگور ديمتريو خلاف کيڏيل ميچ ۾ شروع کان گرفت مضبوط رکي ۽ گريگور کي ڇهه هڪ ۽ ڇهه هڪ تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.